وڏي وزير پاران گل پلازه باهه متاثرن کي معاوضي جي فراهمي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد، نئين مارڪيٽ جي تعمير لاءِ پراڻي عمارت کي ڊاهڻ جي هدايت

ڪراچي-01 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي گل پلازه واقعي مان متاثر خاندانن کي معاوضي جي ورڇ ۽ واپارين کي مالي مدد جي فراهمي جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. هن ايس بي سي اي (SBCA) کي گل پلازه جي ٻيهر تعمير لاءِ تفصيلي پلان پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي …

ڪراچي-01 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي گل پلازه واقعي مان متاثر خاندانن کي معاوضي جي ورڇ ۽ واپارين کي مالي مدد جي فراهمي جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. هن ايس بي سي اي (SBCA) کي گل پلازه جي ٻيهر تعمير لاءِ تفصيلي پلان پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، ضياءُ الحسن لنجار، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ وسيم شمشاد، ڊي جي ايس بي سي اي مزمل هاليپوٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت واقعي ۾ فوت ٿي ويلن جي خاندانن کي معاوضي لاءِ 850 ملين رپيا رکيا هئا جنهن مان ھر ھڪ فوتي جي خاندان لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. رپورٽ ٿيل 72 فوتين مان 61 خاندانن کي صوبائي وزيرن پاران انهن جي گهرن تي پهچي چيڪن ذريعي معاوضو ڏنو ويو آهي. ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته باقي ڪيس پروسيسنگ جي مختلف مرحلن ۾ آهن. ٽن فوتين جي بيواهن جا شناختي ڪارڊ نادرا (NADRA) وٽ آخري مرحلي ۾ آهن جڏهن ته 4 ڪيسن ۾ فيملي بيانن ۾ فرق سبب وڌيڪ تصديق جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ بلوچستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ پڇا ڳاڇا گهربل آهي ان کان علاوه پوليس رڪارڊ موجب 4 فوتين جا لاش اڻ سڃاتل آهن. واپارين کي مالي مدد جي حوالي سان وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته متاثر دڪاندارن جي مدد لاءِ 600 ملين رپيا رکيا ويا هئا جتي ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (KCCI) پاران مهيا ڪيل تصديق ٿيل ڊيٽا جي بنياد تي هر دڪاندار کي 5 لک رپيا ملڻا آهن. وڏي وزير جي هدايتن تي جوڙيل ڪميٽي دڪانن جي مالڪي ۽ نقصان جي تصديق ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته هيستائين 843 دڪاندارن کي ڪي سي سي آءِ جي آفيس ۾ ورهايل چيڪن ذريعي مالي مدد ملي چڪي آهي. بهرحال اجلاس ۾ انهن ڪيسن جي پيچيدگين بابت آگاهه ڪيو ويو جتي هڪ ئي فرد يا ڪاروباري ادارو هڪ کان وڌيڪ دڪانن جو مالڪ آهي. دڪانن جي ڪل تعداد ۾ به فرق سامهون آيو آهي، جتي اڳوڻي رپورٽن ۾ 1,184 دڪان ٻڌايا ويا هئا، جڏهن ته ڪي سي سي آءِ جي اپڊيٽ ڪيل ڊيٽا 1,209 دڪان ظاهر ڪري ٿي. باقي رهيل ڪيسن ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وڏي وزير اختيارين کي هدايت ڪئي ته تصديق جي عمل کي تيز ڪن ۽ يقيني بڻائين ته سمورن حقيقي حقدارن کي بنا دير معاوضو ملي. مراد علي شاهه چيو ته حڪومت متاثر خاندانن ۽ واپارين سان گڏ بيٺي آهي. هر حقدار کي شفاف ۽ بروقت معاوضو ملڻ گهرجي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته ٻين صوبن وارن ڪيسن جي تصديق ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪئي وڃي ۽ نادرا سان تعاون وڌايو وڃي ته جيئن رڪيل شناختي ڪارڊن جو ڪم تيز ٿي سگهي. هڪ کان وڌيڪ دڪانن جي مالڪي واري معاملي تي، وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته مالي مدد في دڪان يا في فرد/اداري جي بنياد تي ڏني وڃي. هن زور ڀريو ته پاليسي تي عملدرآمد ۾ ڪو به مونجهارو نه هجڻ گهرجي. وڏي وزير متاثر دڪانن جي ڪل تعداد ۾ فرق کي دور ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ۽ ڪي سي سي آءِ ۽ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته جلد کان جلد حتمي ۽ تصديق ٿيل لسٽ پيش ڪن. گل پلازه جي ٻيهر تعمير بابت وڏي وزير ايس بي سي اي جي ڊي جي مزمل هاليپوٽو کي مارڪيٽ جي ٻيهر تعمير لاءِ تفصيلي پلان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته پلازه تي ڪم جلد شروع ٿئي. هن ڪمشنر ڪراچي کي عدالتي ڪميشن کي آگاهه ڪرڻ کان پوءِ مارڪيٽ کي ڊاهڻ شروع ڪرڻ جي به هدايت ڪئي ته جيئن تعميراتي ڪم اڳتي وڌي سگهي. وڏي وزير پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجائيندي چيو ته امدادي قدم مڪمل شفافيت ۽ احتساب سان پورا ڪيا ويندا ته جيئن متاثرن کي انصاف يقيني بڻائي سگهجي.