اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪبير احمد ۽ ڪامپيٽيشن ڪميشن آف پاڪستان (سي سي پي) جي چيئرمين فريد احمد تارڙ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وفاقي وزير ٻنهي چيئرمينن کي مقرريءَ تي مبارڪون ڏنيون ۽ سندن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزارت مان جاري …
وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ايس اي سي پي ۽ ڪامپيٽيشن ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمينز جون ملاقاتون

مزید خبریں
اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪبير احمد ۽ ڪامپيٽيشن ڪميشن آف پاڪستان (سي سي پي) جي چيئرمين فريد احمد تارڙ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وفاقي وزير ٻنهي چيئرمينن کي مقرريءَ تي مبارڪون ڏنيون ۽ سندن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزارت مان جاري پريس رليز موجب وفاقي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته سندن قيادت ۾ ايس اي سي پي ۽ سي سي پي پاڪستان جي ريگيوليٽري نظام کي مضبوط بنائڻ، شفاف، منصفاڻي ۽ اثرائتي مارڪيٽس کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهندا. ملاقات دوران ٻنهي چيئرمينن وفاقي وزير کي پنهنجن پنهنجن ادارن جي دائره ڪار، ڪارڪردگي ۽ جاري قدمن بابت بريفنگ ڏني. اداره جاتي هم آهنگي ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ بابت معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم طرفان قائم ڪيل اعليٰ سطحي ڪميٽي بابت به ڳالهيون ٿيون، جنهن جي صدارت سينيٽر اعظم نذير تارڙ ڪري رهيو آهي. ان ڪميٽيءَ جو مقصد پاڪستان جي سيڪيورٽيز ۽ ڪارپوريٽ ريگيوليٽري فريم ورڪ ۾ جامع سڌارا آڻڻ آهن. ڪميٽيءَ ۾ چيئرمين ڊاڪٽر ڪبير احمد، چيئرمين فريد احمد تارڙ ۽ وفاقي سيڪريٽريز به شامل آهن. اها ڪميٽي شعبي جي قانوني، اداره جاتي ۽ اپيليٽ ڍانچي جو جامع جائزو وٺي رهي آهي. اهم نُڪتن ۾ ريگيوليٽري مؤثريت کي بهتر بنائڻ، تڪرارن جي حل جي نظام کي مضبوط ڪرڻ، طريقيڪار ۾ موجوده رڪاوٽن کي گهٽ ڪرڻ ۽ عالمي طريقيڪار سان هم آهنگي شامل آهي. اهي قدم حڪومت جي ان عزم جي عڪاسي ڪن ٿا ته ڪارپوريٽ ۽ مالياتي ريگيوليٽري ماحول کي مضبوط، شفاف ۽ مؤثر بنايو وڃي ته جيئن سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول فراهم ٿئي ۽ جٽادار معاشي ترقيءَ کي هٿي ڏئي سگهجي.











