جيڪب آباد ۾ 43 پوليس ڪانسٽيبلز کي هيڊ ڪانسٽيبل جي عهدن تي ترقي ڏيڻ جي منظوري

لاڙڪاڻو - 01 اپريل (اي پي پي) جيڪب آباد ۾ 43 پوليس ڪانسٽيبلز کي هيڊ ڪانسٽيبل جي عهدن سميت مختلف عھدن تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آھي. جڏھن ته  ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي جو اجلاس ايس ايس پي جيڪب آباد ڪئپٽن ريٽائرڊ فيضان علي جي صدارت ۾ ٿيو. ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد ڪئپٽن ريٽائرڊ فيضان علي، پي ڊي ايس پي قمر الدين …

لاڙڪاڻو – 01 اپريل (اي پي پي) جيڪب آباد ۾ 43 پوليس ڪانسٽيبلز کي هيڊ ڪانسٽيبل جي عهدن سميت مختلف عھدن تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آھي. جڏھن ته  ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي جو اجلاس ايس ايس پي جيڪب آباد ڪئپٽن ريٽائرڊ فيضان علي جي صدارت ۾ ٿيو. ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد ڪئپٽن ريٽائرڊ فيضان علي، پي ڊي ايس پي قمر الدين مهر، ڊي ڊي ايس پي سٽي خدا بخش پنھور، شيٽ ڪلرڪ ڪامران احمد اعواڻ، اڪائونٽنٽ محمد ايوب ابڙو سميت ٻين پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي جي اجلاس دوران پوليس ڪانسٽيبلز مان هيڊ ڪانسٽيبل جي عهدن تي ترقي لاءِ مجموعي طور 43 ڪيسن جي منظوري ڏني وئي. ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي C-1 جي 36، C-2 جي 03 ۽ هڪ ڊرائيور ڪانسٽبل سميت ٻن شهيد ڪانسٽيبلز ۽ ٻين يونٽن جي 03 ڪانسٽيبلز جي ترقي جي به منظوري ڏني. ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي ۾ مختلف سببن جي ڪري پروموشن نه ملڻ جا ڪيس ايندڙ ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي تائين ملتوي ڪيا ويا. ايس ايس پي جيڪب آباد ڪئپٽن ريٽائرڊ فيضان علي  نئين ترقي ماڻيندڙ پوليس اهلڪارن کي مبارڪباد ڏيندي انهن کي محنت ۽ سچائي سان فرض ۽ ذميواريون ادا ڪرڻ ۽ ايمانداري سان عوام سان انصاف، تعاون ۽ مدد ڪرڻ جي نصيحت ڪئي.