قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران ڪي پي ڪي ۾ 13 دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين

اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪي پي ڪي جي ضلعي باجوڙ ۽ بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪاررواين دوران  13 دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروايون ڪندي دهشتگردن جي ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، باجوڙ ۽ بنون ۾ ڳجهي اطلاع …

اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪي پي ڪي جي ضلعي باجوڙ ۽ بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪاررواين دوران  13 دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروايون ڪندي دهشتگردن جي ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، باجوڙ ۽ بنون ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد دوران 13 خوارجين کي مارڻ سيڪيورٽي ادارن جي پيشيوراڻين صلاحيتن جو چٽو ثبوت آهي، دهشتگرد ڌُرين خلاف ڪامياب ڪارروايون قوم جي عزم ۽ رياست جي مضبوط پاليسي جو مظهر آهن. دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون نٿيون وِساري سگهجن. هن چيو ته قوم پنهنجي بهادر فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. اسپيڪر دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته عزم استحڪام تحت دهشتگردي خلاف جاري مهم پاڪستان جي روشن ۽ محفوظ مستقبل جي ضمانت آهي، دشمن جي ناپاڪ اِرادن کي هر قيمت تي ناڪام بڻايو ويندو. اسپيڪر سيڪيورٽي فورسز جي جوانن جي پيشيوراڻي مهارت ۽ بهادريءَ کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي.

مزید خبریں