اسلام آباد _ 01 اپريل (اي پي پي) انجينئرنگ منصوعات جي ايڪسپورٽ ۾ ھلندڙ مالي سال دوران نمايا اضافو رڪارڊ ٿيو آھي. پاڪستان جي شماريارت واري اداري طرفان جاري انگن اکرن مطابق جولاءِ 2025ع کان فيبروري 2026ع تائين جي عرصي ۾ انجينئرنگ جي منصوعات جي ايڪسپورٽ مان ملڪ کي 249.57 ملين ڊالرز جو ناڻو حاصل ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي ڀيٽ ۾ 41 سيڪڙو وڌيڪ آھي، …
انجيئرنگ مصنوعات جي ايڪسپورٽ ۾ ھلندڙ مالي سال دوران نمايا اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد _ 01 اپريل (اي پي پي) انجينئرنگ منصوعات جي ايڪسپورٽ ۾ ھلندڙ مالي سال دوران نمايا اضافو رڪارڊ ٿيو آھي. پاڪستان جي شماريارت واري اداري طرفان جاري انگن اکرن مطابق جولاءِ 2025ع کان فيبروري 2026ع تائين جي عرصي ۾ انجينئرنگ جي منصوعات جي ايڪسپورٽ مان ملڪ کي 249.57 ملين ڊالرز جو ناڻو حاصل ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي ڀيٽ ۾ 41 سيڪڙو وڌيڪ آھي، گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي ۾ انجينئرنگ جي منصوعات جي ايڪسپورٽ مان ملڪ کي 177.924 ملين ڊالرز جو ناڻو حاصل ٿيو ھو، فيبروري ۾ انجينئرنگ جي منصوعات جي ايڪسپورٽ جو ڳاڻيٽو 26.79 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو جنوري ۾ 36.20 ملين ڊالرز ۽ گذريل سال فيبروري ۾ 18.74 ملين ڊالرھو، مالي سال 2025ع ۾ انجينئرنگ جي منصوعات جي ايڪسپورٽ مان ملڪ کي 279.14 ،ملين ڊالرز جو ناڻو حاصل ٿيو ھو. انگن اکرن مطابق مالي سال جي پھرين 8 مھينن ۾ برقي پکن جي ايڪسپورٽ جو ڳاڻيٽو 16.75 ملين ڊالر، ٽرانسپورٽ جي آوزارن ۾ 59.57 ملين ڊالر، برقي مشينري 68.36 ملين ڊالر، سپيشلائزڊ مشينري 27.33 ملين ڊالر، آڻو پارٽس 14.25 ملين ڊالر ۽ ٻين مشينري جي ايڪسپورٽ جو ڳاڻيٽو 63.30 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو.











