لاڙڪاڻو ۾ پوليس جون ڏوھارين خلاف ڪارروائيون، مختلف ھنڌن تان18 جوابدار گرفتار، منشيات ۽ سامان هٿ

لاڙڪاڻو - 01 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس جون ڏوھارين خلاف ڪارروائيون جاري آهن، پوليس مختلف ھنڌن تان 18 جوابدار گرفتار ڪري ٽي عدد چوري ٿيل ۽  ڦر ڪيل  موٽرسائيڪلون، قيمتي موبائل فون ۽ منشيات ھٿ ڪري ورتي آهي. باڊه پوليس جوابدار ساجد عرف سجو ڦلپوٽو کي (920) گرام چرس سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو جڏهن ته دڙا ريلوي ڦاٽڪ ويجهو ممتاز، شمن ۽ ثابت نالي ٽن …

لاڙڪاڻو – 01 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس جون ڏوھارين خلاف ڪارروائيون جاري آهن، پوليس مختلف ھنڌن تان 18 جوابدار گرفتار ڪري ٽي عدد چوري ٿيل ۽  ڦر ڪيل  موٽرسائيڪلون، قيمتي موبائل فون ۽ منشيات ھٿ ڪري ورتي آهي. باڊه پوليس جوابدار ساجد عرف سجو ڦلپوٽو کي (920) گرام چرس سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو جڏهن ته دڙا ريلوي ڦاٽڪ ويجهو ممتاز، شمن ۽ ثابت نالي ٽن ملزمن کي منشيات (شراب) سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي. دڙي پوليس بيت المال ڪالوني واري علائقي ۾ جوا جي اڏن تي ڇاپو هڻي لشڪر ۽ شاهد نالي ٻن لسٽيڊ ملزمن کي تاش جي پتن ۽ روڪ رقم سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. سيهڙ پوليس راڌڻ  روڊ واري علائقي ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي محمد رمضان نالي جڏهن ته واڍا پل واري علائقي مان علي دوست عرف دوست محمد سولنگي کي گٽڪن سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو. ڏوڪري پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي روپوش جوابدار عرفان جوڻيجو جڏهن ته الطاف، شاهد ۽ رضوان نالي ٽن جوابدارن کي منشيات (شراب) سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. وليد پوليس فرحان، ذوالفقار ۽ ڪامران نالي ٽن ملزمن کي منشيات (شراب) سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. علي گوهر آباد پوليس پير شير روڊ واري علائقي مان شاهد، آصف ۽ پرويز نالي ٽي ملزمان کي منشيات (شراب) سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو. ماهوٽا پوليس ۽ لاشاري پوليس جي ڪامياب ڪارروائي تحت  چوري ٿيل ٽي موٽر سائيڪلون ھٿ ڪري، تصديق ڪرڻ کان پوءِ اصل مالڪن محمود علي ھڪڙو، علي حيدر ميربحر ۽ الطاف حسين جوڻيجو جي حوالي ڪري ڇڏيوُن.