آبنائي ھرمز ضرور ٻيھر کلندو پر توھان لاءِ نه، ايران جو آمريڪي صدر جي بيان تي رد عمل

تھران _ 01 اپريل (اي پي پي)ايراني پارليامينٽ جي قومي سلامتي بابت ڪميٽي جي سربراھه ابراھيم عزيزي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آھي ته آبنائي ھرمز ضرور ٻيھر کلندو پر توھان لاءِ نه، اھو انھن لاءِ کوليو ويندو جيڪي ايران جي نئين قانون جي تعميل ڪندا. پرڏيھي ميڊيا مطابق پنھنجي ايڪس اڪائونٽ تان جاري پيغام ۾ ابراھيم عزيزي ايران جي 1979ع جي انقلاب کانپوءِ واري …

تھران _ 01 اپريل (اي پي پي)ايراني پارليامينٽ جي قومي سلامتي بابت ڪميٽي جي سربراھه ابراھيم عزيزي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آھي ته آبنائي ھرمز ضرور ٻيھر کلندو پر توھان لاءِ نه، اھو انھن لاءِ کوليو ويندو جيڪي ايران جي نئين قانون جي تعميل ڪندا. پرڏيھي ميڊيا مطابق پنھنجي ايڪس اڪائونٽ تان جاري پيغام ۾ ابراھيم عزيزي ايران جي 1979ع جي انقلاب کانپوءِ واري دور جو حوالو ڏيندي چيو ته مھمان نوازي جا 47 سال ھميشه لاءِ ختم ٿي ويا آھن. ھن وڌيڪ چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آخر ڪار حڪومت جي تبديلي جو پنھنجو خواب پورو ڪري ورتو آھي پر اھا تبديلي خطي جي سمنڊن تي حڪومت ۾ آئي آھي. ان کان اڳ سومر ڏينھن ايران جي قومي سلامتي بابت ڪميٽي آبنائي ھرمز تان گذرندڙ جھازن کان ٽول وصول ڪرڻ جي منصوبي جي منظوري ڏني ھئي.