اسرائيلي فوج جو تهران ۾ مختلف هدفن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ، ايران جي جوابي ميزائل حملن ۾ 14 اسرائيلي زخمي

تل ابيب-01 اپريل (اي پي پي) اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات اسرائيلي فوج ايران جي گاديءَ واري هنڌ تهران ۾ مختلف هدفن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ اسرائيلي عملدارن انهن حملن جي جواب ۾ ايران طرفان 3 ميزائل حملن جي تصديق ڪئي آهي. بي بي سي موجب اسرائيلي فوج هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ان سڄي رات تهران تي وڏي پيماني تي حملا ڪيا …

تل ابيب-01 اپريل (اي پي پي) اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات اسرائيلي فوج ايران جي گاديءَ واري هنڌ تهران ۾ مختلف هدفن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ اسرائيلي عملدارن انهن حملن جي جواب ۾ ايران طرفان 3 ميزائل حملن جي تصديق ڪئي آهي. بي بي سي موجب اسرائيلي فوج هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ان سڄي رات تهران تي وڏي پيماني تي حملا ڪيا آهن جن جو هدف ايراني حڪومت سان واڳيل انفراسٽرڪچر ٺڪاڻا هئا. ٻي طرف ايران گذريل ڏينهن جوابي ڪارروائي ڪندي اسرائيل تي 3 ميزائل حملا ڪيا. اسرائيل جي ايمرجنسي سروسز ميگن ڊيوڊ ايڊوم موجب ايراني حملن ۾ زخمين جو انگ 14 ٿي ويو آهي.