بيجنگ - پهرين اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جو سرڪاري دورو ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ کانپوءِ بيجنگ کان اسلام آباد جي لاءِ روانو ٿي ويو. پرڏيهي آفيس موجب دوري دوران هن چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ اهم علائقائي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چين …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ بيجنگ کان اسلام آباد لاءِ روانو

مزید خبریں
بيجنگ – پهرين اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جو سرڪاري دورو ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ کانپوءِ بيجنگ کان اسلام آباد جي لاءِ روانو ٿي ويو. پرڏيهي آفيس موجب دوري دوران هن چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ اهم علائقائي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي اولهندي ايشيا ۾ تڪرار جي خاتمي ۽ امن جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي فعال سفارتي ڪردار ۽ ڪوششن کي ساراهيو ۽ پنهنجي حمايت جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي لاڳاپن ۾ وڌندڙ رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سي پيڪ 2.0 تحت اعليٰ معيارج ي ترقي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون جي فروغ سميت اعليٰ سطحي رابطن ۽ مٽاسٽا کي خاص طور تي هن سال جڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي، وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو.











