اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي غير معمولي تيزي ڏسڻ ۾ آئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪي ايس اي 100- انڊيڪس 7461 پوائنٽس جي نمايان واڌ سان 156233 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. مارڪيٽ ۾ اوچتو ۽ شڊيد تيزي سبب لاڳاپيل اختيارين طرفان ڪاروبار کي عارض: طور تي هڪ ڪلاڪ لاءِ معطل( ٽريڊنگ هالٽ) ڪيو ويو …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي، 100 انڊيڪس ۾ تاريخي واڌ

مزید خبریں
اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي غير معمولي تيزي ڏسڻ ۾ آئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪي ايس اي 100- انڊيڪس 7461 پوائنٽس جي نمايان واڌ سان 156233 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. مارڪيٽ ۾ اوچتو ۽ شڊيد تيزي سبب لاڳاپيل اختيارين طرفان ڪاروبار کي عارض: طور تي هڪ ڪلاڪ لاءِ معطل( ٽريڊنگ هالٽ) ڪيو ويو ته جيئن سيڙپڪارن کي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ موقعو فراهم ڪري سگهجي. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي تي ڪي ايس اي – 100 انڊيڪس 1900 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ هڪ لک 48 هزار 743 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو هو. جيڪو اڳ ئي هاڪاري رجحان کي ظاهر ڪري رهيو هو. ٻئي طرف عالمي ۽ علائقائي مارڪيٽس ۾ به هاڪاري رجحان ڏسڻ ۾ آيو. ايشيائي اسٽاڪ مارڪيٽس ۾ به نمايا اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. جتي ڏکڻ ڪوريا جو ڪوپسي انڊيڪس ۾ اٽڪل 5.5 سيڪڙو، جاپان جي نڪي انڊيڪس ۾ 5 سيڪڙو، هانگ ڪانگ جي هينگ سينگ انڊ:ڪس ۾ 2 سيڪڙو، چين جي شنگهائي ڪمپوزٽ انڊيڪس ۾ 1.5 سيڪڙو جڏهن ته ملائيشيا جو فٽسي برسا انڊيڪس ۾ 1 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو. ماهرن موطابق اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اها تيزي سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد، بهتر معاشي اهڃاڻن ۽ عالمي مارڪيٽس ۾ هاڪري رجحان جو نتيجو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا مارڪيٽ جي صورتحال تي گهري نظر رکيون ويٺا آهن ته جيئن سيڙپڪارن جي مفادن جي تحفظ کي يقيني بٻڻائي سگهجي ۽ مالياتي نظام ۾ استحڪام برقرار رهي.











