زرعي ۽ نجي شعبن کي قرضن جي فراهمي ۾ 7 مهينن دوران 11 سيڪرو جي واڌ رڪارڊ

اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) زرعي ۽ نجي شعبن کي قرضن جي فراهمي ۾ جاري مالي سال دوران ساليانو بنيادن تي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. ناڻي وزارت طرفان جاري ڪيل رپورٽ مطابق مالي سال جي پهرين 7 مهينن دوران زرعي شعبي کي فراهم ڪيل قرض جو ڳاڻيٽو 1649 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان عرصي جي ڀيٽ ۾   11 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل مالي …

اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) زرعي ۽ نجي شعبن کي قرضن جي فراهمي ۾ جاري مالي سال دوران ساليانو بنيادن تي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. ناڻي وزارت طرفان جاري ڪيل رپورٽ مطابق مالي سال جي پهرين 7 مهينن دوران زرعي شعبي کي فراهم ڪيل قرض جو ڳاڻيٽو 1649 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان عرصي جي ڀيٽ ۾   11 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل مالي سال جي ان عرصي ۾ زرعي شعبن کي فراهم ڪيل قرضن جو ڳاڻيٽو 1483.5 ارب رپيا هو. مالي سال 2025ع دوران زرعي شعبن کي مجموعي طور تي 2577 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا ويا هئا.اهڙيءَ ريت مالي سال جي پهرين 8 مهينن ۾ نجي شعبن کي فراهم ڪيل قرضن جو ڳاڻيٽو 887.5 ارب رپيا رڪارڊ ڪيا ويا. جيڪي گذريل مالي سال جي ان عرصي جي  ڀيٽ ۾ 54.50 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل مالي سال جي ان عرصي ۾ نجي شعبي کي فراهم ڪيل قرضن جو ڳاڻيٽو 574.4 ارب رپيا رڪارڊ ڪيا ويا . مالي سال 2025ع ۾ نجي شعبن کي مجموعي طور تي فراهم ڪيل قرضن جو ڳاڻيٽو 1081.6 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو.

مزید خبریں