روس جو ملٽري ٽرانسپورٽ جهاز ڪريميا ۾ ڪري تباهه، 29 ڄڻا اجل جو شڪار

ماسڪو-01 اپريل (اي پي پي) روس جو ملٽري ٽرانسپورٽ جهاز ڪري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ سوار سمورا 29 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن مطابق روس جي دفاع واري وزارت طرفان اربع تي صبح جو جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اي اين - 26 ملٽري ٽرانسپورٽ جهاز ڪريميا ۾ جبل جي هڪ ٽڪري سان ٽڪرائجي تباهه ٿي …

ماسڪو-01 اپريل (اي پي پي) روس جو ملٽري ٽرانسپورٽ جهاز ڪري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ سوار سمورا 29 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن مطابق روس جي دفاع واري وزارت طرفان اربع تي صبح جو جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اي اين – 26 ملٽري ٽرانسپورٽ جهاز ڪريميا ۾ جبل جي هڪ ٽڪري سان ٽڪرائجي تباهه ٿي ويو آهي. اختيارين ان هنڌ جو پتو پڻ لڳائي ورتو آهي. وزارت ٻڌايو آهي ته جهاز ۾ عملي جي 06 ڄڻن سميت ڪل 29 ڄڻا سوار هئا جيڪي سڀ اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. جاري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جهاز جي اڏام بعد ان جو رابطو ڪميونيڪيشن ٽاور سان ڪٽجي ويو هو جنهن بعد جهاز جبل جي هڪ ٽڪري سان ٽڪرائجي ويو. شروعاتي جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته جهاز ۾ فني خرابي ٿي هئي.