واشنگٽن-01 اپريل(اي پي پي) عالمي تڪرارن سبب معاشي نقصانن تي نظر رکندڙ آمريڪي ماهرن چيو آهي ته ايران جنگ سبب آمريڪا کي روزانو ٻه ارب ڊالرن جو نقصان ٿي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب بران يونيورسٽي جي جنگي لاڳت جي منصوبي جي ڊائريڪٽر اسٽيفني سيويل جو چوڻ آهي ته هٿيارن ۽ فوجي خرچ بابت آمريڪي اثاثن کي ٿيل نقصان ۽ ٻين خرچن جي مد ۾ ان جنگ سان آمريڪا کي …
ايران جنگ سبب آمريڪا کي روزانو ٻه ارب ڊالرن جو نقصان ٿي رهيو آهي: ماهر

مزید خبریں
واشنگٽن-01 اپريل(اي پي پي) عالمي تڪرارن سبب معاشي نقصانن تي نظر رکندڙ آمريڪي ماهرن چيو آهي ته ايران جنگ سبب آمريڪا کي روزانو ٻه ارب ڊالرن جو نقصان ٿي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب بران يونيورسٽي جي جنگي لاڳت جي منصوبي جي ڊائريڪٽر اسٽيفني سيويل جو چوڻ آهي ته هٿيارن ۽ فوجي خرچ بابت آمريڪي اثاثن کي ٿيل نقصان ۽ ٻين خرچن جي مد ۾ ان جنگ سان آمريڪا کي پهرين ئي 10 ارب ڊالرن جو نقصان ٿي چڪو آهي. هن چيو ته جنگ جي نتيجي ۾ عوامي قرضن ۾ روزانو جي بنياد تي تمام گهڻي رقم جو اضافو ٿي رهيو آهي. پينٽاگون مارچ جي شروعات ۾ ڪانگريس کي ٻڌايو هو ته جنگ جي پهرين ڇهن ڏينهن ۾ 11 ارب 30 ڪروڙ ڊالرن جو خرچ ٿيو پر اسٽيفني سيويل جي خيال ۾ اها لاڳت ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. هارورڊ يونيورسٽي جي دفاعي بجيٽ جي ماهر جو چوڻ هيو ته ان جنگ تي اڳ ئي روزانو جي بنياد تي آمريڪا کي ٻه ارب ڊالرن جي لاڳت اچي رهي آهي. اسٽيفني سيول جو چوڻ آهي ته جنگي خرچ جو بار هميشه عام آمريڪي شهري تي پوي ٿو جنگ سبب گيس جي اگهن ۾ اضافو ٿي چڪو آهي. ان کانسواءِ مهانگائي ڪاروبار ۾ غير يقيني جي صورتحال ۽ انشورنس جي لاڳت ۾ اضافي جهڙي ڊگهي عرصي تي اثر وڌو آهي. وائيٽ هائوس اڳ ئي ايران ۾ جنگ لاءِ وڌيڪ 200 ارب ڊالرن جو مطالبو ڪري چڪو آهي جيڪا اسٽيفني سيويل موجب تمام وڏي رقم آهي.











