ڪراچي-31 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيترن ئي اهم پاليسي فيصلن ۽ ترقياتي رٿائن جي منظوري ڏني وئي، جن جو مقصد مضبوط حڪمراني قائم ڪرڻ، بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ، خوراڪ جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ، سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي تيز ڪرڻ آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ رٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر …
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس،ڪيترن ئي اهم پاليسي فيصلن ۽ ترقياتي رٿائن جي منظوري ڏني وئي
ڪراچي-31 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيترن ئي اهم پاليسي فيصلن ۽ ترقياتي رٿائن جي منظوري ڏني وئي، جن جو مقصد مضبوط حڪمراني قائم ڪرڻ، بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ، خوراڪ جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ، سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي تيز ڪرڻ آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ رٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف عباس ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي . ان موقعي تي سنڌ ڪابينا اصولي طور تي ڪچي وارن علائقن يعني دريائي علائقن جو جامع سروي ڪرائڻ جي منظوري ڏني ته جيئن امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائي سگهجي، زمين جي انتظام کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ حڪومت جي جاري سرينڊر پاليسي جي حمايت ڪئي وڃي. وڏي وزير چيو ته ڪچي وارن علائقن جو سروي زمين جي رڪارڊ ۾ ڊگهي عرصي کان موجود اختلافن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، جيڪي روينيو آفيسن ۾ ٻيلي کاتي ۽ مختلف وفاقي ادارن ۾ رپورٽ ٿيندا رهيا آهن. هن سروي ذريعي زمين جي ملڪيت، استعمال جو ڊجيٽل ۽ درست رڪارڊ تيار ڪيو ويندو، جنهن سان لاڳاپيل عملدار قانوني رهواسين جي سڃاڻپ ڪري سگهندا ۽ غيرقانوني قبضا روڪي سگهندا. هن منصوبي جي لاڳت اٽڪل 705 ملين رپيا آهي ۽ اهو گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ (G2G) بنيادن تي سروي آف پاڪستان جي سهڪار سان مڪمل ڪيو ويندو. ڪابينا سنڌ پبلڪ پروڪيورمينٽ قانون تحت ڇوٽ ڏئي فوري طور ڪم شروع ڪرڻ جي اجازت پڻ ڏني. لاڙڪاڻو ڊويزن ۽ سکر ڊويزن ۾ امن امان جي صورتحال کي ڏسندي منصوبي جو مدو 25 مهينن کان گهٽائي 15.5 مهينا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مختلف ڊائريڪٽوريٽ هڪ ئي وقت ڪم ڪندا ته جيئن منصوبو جلدي مڪمل ٿي سگهي.ڪچي وارن علائقن جو سروي جديد جاگرافيائي ٽيڪنالاجي جهڙوڪ سيٽلائيٽ تصويرن، جي آءِ ايس ميپنگ ۽ جديد جاگرافيائي اوزار استعمال ڪندي ڪيو ويندو. هي منصوبو ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، پهرئين مرحلي ۾ ڪچي وارن علائقن جي زمين جي حدن جي سڃاڻپ ۽ جي آءِ ايس ميپنگ ڪئي ويندي، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ 624 ديهن جي تفصيلي ڪيڊسٽرل ميپنگ، زمين جي حد بندي ۽ ملڪيت بابت ڊيٽا گڏ ڪئي ويندي. سنڌ ڪابينا شفافيت ۽ مالي نظم و ضبط لاءِ هدايت ڪئي ته هي منصوبو پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ ذريعي گرانٽ ان ايڊ بدران نان-اي ڊي پي اسڪيم طور لاڳو ڪيو وڃي. وڏي وزير هن اپاءَ کي ڪچي وارن علائقن ۾ رياست جي عملداري بحال ڪرڻ لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو. ھن وڌيڪ چيو ته زمين جي واضح سڃاڻپ قانوني رھائشين ۽ ڏوهاري عنصرن ۾ فرق ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، جيئن سرينڊر پاليسي ۽ ڊگهي مدي واري امن کي يقيني بڻائي سگهجي. ڪي-فور پاور رٿا لاءِ مالي سهائتا جي پاليسي تي سنڌ ڪابينا گريٽر ڪراچي بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم (ڪي-فور) جي پاور حصي لاءِ جامع مالي ۽ عملدر آمد رٿا جي منظوري ڏني، ته جيئن هن اهم پاڻي رٿا جي بروقت تڪميل کي يقيني بڻائي سگهجي. مالي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪابينا ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن (ڪي ڊبليو ايس سي) لاءِ قرضي ماڊل کي گرانٽ اِن ايڊ ميڪينزم ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏني. 13.9 ارب رپين جي گرانٽ پاور انفراسٽرڪچر لاءِ منظور ڪئي وئي، جنهن ۾ 132 ڪي وي گرڊ اسٽيشن، 26 ڪلوميٽر ٽرانسميشن لائين، 11 ڪي وي ڊسٽريبيوشن نيٽ ورڪ ۽ 50 ميگاواٽ بجلي جي لوڊ لاءِ اسٽاف ڪالوني شامل آهي. موجوده مالي سال ۾ 3.47 ارب رپيا فيز ون لاءِ جاري ڪيا ويندا، جڏهن ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ فيز ٽو لاءِ 10.43 ارب رپيا مختص ڪيا ويندا. سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (ايس ٽي ڊي سي) پاور انفراسٽرڪچر جي ملڪيت، آپريشن ۽ سار سنڀال جي ذميواري سنڀاليندي، جڏهن ته ڪي ڊبليو ايس سي کي فوري طور فنڊ منتقل ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي. سنڌ حڪومت شروعاتي طور حيسڪو لاءِ هر مهيني اٽڪل هڪ ارب رپيا ۽ ايس ٽي ڊي سي لاءِ 74 ملين رپيا آپريشنل خرچن طور برداشت ڪندي. وڏي وزير ڪي ڊبليو ايس سي کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجو ريونيو سسٽم کي بهتر بڻائي ته جيئن هو آهستي آهستي اهي مالي ذميواريون پاڻ سنڀالي سگهي. ان فيصلي کي ڪي فور رٿا جي رفتار وڌائڻ ۽ ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو ويو آهي.











