پاڪستان عالمي سطح تي هڪ مستحڪم ۽ تعميري قوت طور اڀري رهيو آهي: سنڌ جو گورنر

ڪراچي _ 31 مارچ (اي پي پي)سنڌ جي گورنر نهال هاشمي چيو آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي هڪ مستحڪم ۽ تعميري قوت طور اڀري رهيو آهي. پاڪستاني وزيراعظم۽ آرمي چيف پنهنجي دانشمنداڻي قيادت سان خطي  ۾ امن لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اھڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي رهائشگاهه تي مسلم ليگ (ن) بزنس فورم جي صدر اشتياق بيگ پاران منعقد ڪيل هڪ باوقار تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، سماجي ۽ سياسي شخصيتن …

ڪراچي _ 31 مارچ (اي پي پي)سنڌ جي گورنر نهال هاشمي چيو آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي هڪ مستحڪم ۽ تعميري قوت طور اڀري رهيو آهي. پاڪستاني وزيراعظم۽ آرمي چيف پنهنجي دانشمنداڻي قيادت سان خطي  ۾ امن لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اھڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي رهائشگاهه تي مسلم ليگ (ن) بزنس فورم جي صدر اشتياق بيگ پاران منعقد ڪيل هڪ باوقار تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، سماجي ۽ سياسي شخصيتن شرڪت ڪئي.گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي پيچيده عالمي تڪرارن کي حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ سڀ کان وڌيڪ مناسب ملڪ آهي، عالمي سيڙپڪارن لاءِ وڏا موقعا موجود آهن. عمان جي قونصل جنرل سميع عبدالله ۽ ٻين پڻ مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. تقريب کي خطاب ڪندي مشهور ڪاروباري شخص عارف حبيب چيو ته ڪاروباري برادري حڪومت سان گڏ بيٺي آهي ۽ ڪراچي جي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ بهتري لاءِ مڪمل تعاون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. تقريب ۾ چين، روس، قطر، برطانيه، ٿائيلينڊ، عراق، مراڪش، يمن، سريلنڪا، ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن جي قونصل جنرلز پڻ شرڪت ڪئي.