لاڙڪاڻو شهر جي جناح باغ سميت ٻين پارڪن لاءِ 6 ڪروڙ روپين جي اسڪيم منظور ڪرائي آهي، تمام جلد انهن کي خوبصورت بڻايو ويندو، ڊرينيج جو مسئلو به حل ڪيو ويندو: جميل احمد سومرو

لاڙڪاڻو 31 - مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ايم پي اي جميل احمد سومرو چيو آهي ته لاڙڪاڻو شهر جي جناح باغ سميت ٻين پارڪن لاءِ 6 ڪروڙ روپين جي اسڪيم منظور ڪرائي آهي، تمام جلد انهن کي خوبصورت بڻايو ويندو،  لاڙڪاڻي شهر ۾ ڊرينيج جو ڳنڀير مسئلو آهي ان جي اسڪيم پڻ منظور ٿي آهي ۽ اهو مسئلو به حل …

لاڙڪاڻو 31 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ايم پي اي جميل احمد سومرو چيو آهي ته لاڙڪاڻو شهر جي جناح باغ سميت ٻين پارڪن لاءِ 6 ڪروڙ روپين جي اسڪيم منظور ڪرائي آهي، تمام جلد انهن کي خوبصورت بڻايو ويندو،  لاڙڪاڻي شهر ۾ ڊرينيج جو ڳنڀير مسئلو آهي ان جي اسڪيم پڻ منظور ٿي آهي ۽ اهو مسئلو به حل ڪيو ويندو. لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر نويد لاڙڪ جي اڳواڻي ۾ مُلاقات ڪندڙ صحافين جي وفد سان ڳالهائيندي ايم پي اي جميل احمد سومرو چيو ته سوشل ميڊيا تي منهنجي خلاف ڪردار ڪشي ڪندڙن کي ڦڪائي جو منهن ڏسڻو پوندو، پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي تمام وڏي پارٽي آهي ۽ هڪ ڪارڪن جي حيثيت سان عوام جي خدمت ڪرڻ منهنجو فرض آهي، جيڪو عمل هميشه جاري رهندو. هن چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي وچ مان وهندڙ رائيس ڪئنال جي ٻنهي ڪپن کي پڪو ڪري ڀت ڏياري ويندي ۽ گرين بيلٽ قائم ڪيو ويندو ته جيئن شهر جي خوبصورتي ۾ وڌيڪ اضافو اچي سگهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي جناح باغ سميت ٻين پارڪن لاءِ 6 ڪروڙ روپين جي اسڪيم منظور ڪرائي آهي ۽ تمام جلد پارڪن جا روڊ رستا تعمير ڪيا ويندا ۽ جناح باغ سان گڏ ٻين ننڍن وڏن پارڪن کي پڻ خوبصورت بڻايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻي شهر ۾ ڊرينيج جو ڳنڀير مسئلو آهي ان جي اسڪيم پڻ منظور ٿي آهي ۽ اهو مسئلو به حل ڪيو ويندو، شهر جي مختلف علائقن ۾ پيور بلاڪ، ناليون تعمير ڪرائي ماڻهن کي بنيادي سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن. هن چيو ته جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو شهر جي بند روڊ کان گذري هئي ته ان دوران سمورن دڪاندارن محترمه شهيد جي مٿان گلن جا مڻ نڇاور ڪيا هئا، جنهن تي محترمه بينظير ڀٽو شهيد مونکي چيو هيو ته گلن وارا غريب آهن، جن منهنجي مٿان محبتن جو اظهار ڪندي گل نڇاور ڪيا آهن انهن جي سهائتا ڪئي وڃي، جيڪي محترمه جون ڳالهيون مونکي ياد هيون، جنهن ڪري انهن دڪاندارن کي مستقل طور تي ٽانگا اسٽينڊ تي دڪان تعمير ڪرائي انهن جو مسئلو حل ڪيو آهي ۽ ٽانگا اسٽينڊ جي دڪانن جي مسواڙ ميونسپل ڪارپوريشن کي ملي رهي آهي. ان موقعي تي لاڙڪاڻو پريس ڪلب جو نائب صدر مرتضيٰ ڪلهوڙو، سينئر صحافي معشوق اوڍاڻو ۽ خزانچي منصور عباس ابڙو پڻ موجود هئا.