خيبر پختونخواهه ۾ تازين برسات سبب 18 ماڻهو اجل جو شڪار، 72 زخمي

پشاور _ 31 مارچ (اي پي پي ) پي ڊي ايم اي خيبرپختونخوا جي مختلف ضلعن ۾  25 مارچ کان هيستائين پيل برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان جي شروعاتي رپورٽ جاري ڪئي آهي . پي ڊي اي ترجمان مطابق صوبي ۾ برساتن سبب گهرن جون ڇتيون ۽ ديوارون ڪرڻ سبب هستائين 18 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 72 ڄڻا زخمي ٿيا آهن . اجل جو شڪار ٿي ويلن …

پشاور _ 31 مارچ (اي پي پي ) پي ڊي ايم اي خيبرپختونخوا جي مختلف ضلعن ۾  25 مارچ کان هيستائين پيل برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان جي شروعاتي رپورٽ جاري ڪئي آهي . پي ڊي اي ترجمان مطابق صوبي ۾ برساتن سبب گهرن جون ڇتيون ۽ ديوارون ڪرڻ سبب هستائين 18 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 72 ڄڻا زخمي ٿيا آهن . اجل جو شڪار ٿي ويلن ۾ 14 ٻار، هڪ مرد ۽ 3 عورتون شامل آهن. جڏهن ته زخمين ۾ 32 مرد، 7 عورتون ۽33 ٻار شامل آهن . برساتن سبب هيستائين جي رپورٽ مطابق مجموعي طور تي 60 گهرن کي نقصان پهتو، جنهن ۾ 51 گهرن کي جزوي ۽ 9 گهر مڪمل طورتي ڊهي پٽ ٿي ويا . اهي حادثا صوبي جي مختلف ضلعن بنون ، ايبٽ آباد ، ڪوهاٽ ، پشاور ، نوشهره ، باجوڙ ، لڪي مروت، ڪرم، هنگو، شانگله، بونير، مالاڪنڊ، دير اپر، باجوڙ، اتر وزيرستان ۽ ٽانڪ ۾ پيش آيا. پي ڊي ايم اي ۽ ريسڪيو 1122، ضلعي انتظاميه ۽ لاڳاپيل ادارن جا پاڻ ۾ رابطي ۾ آهن ۽ امدادي سرگرميون جاري رکيل آهن. پي ڊي ايم اي جا ايمرجنسي آپريشن سينٽر مڪمل طور تي فعال آهن . عوام ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي جو اطلاع، موسمي صورتحال کان آگاهي ۽ معلومات لاءِ هيلپ لائن 1700 تي رابطو ڪري.