بيجنگ _ 31 مارچ (اي پي پي) چين جي مرڪزي صوبي هينان جي شهر زينگزو ۾ بنا پائليٽ ڪارگو جهاز چانگ ينگ 8 ڪاميابي سان پنهنجي پهرين اڏام مڪمل ڪري ورتي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو جديد بنا پائيلٽ وارو ڪارگو جهاز بيجنگ جي بيفا چانگ ينگ يو اي وي ٽيڪنالاجي ڪمپني لميٽيڊ تيار ڪيو آهي ۽ چين جو پهريون 7 ٽن وزني بنا پائليٽ ڪارگو جهاز آهي جنهن کي …
چين ۾ بنا پائليٽ ڪارگو جهاز جي پهرين اڏام ڪاميابي سان مڪمل

مزید خبریں
بيجنگ _ 31 مارچ (اي پي پي) چين جي مرڪزي صوبي هينان جي شهر زينگزو ۾ بنا پائليٽ ڪارگو جهاز چانگ ينگ 8 ڪاميابي سان پنهنجي پهرين اڏام مڪمل ڪري ورتي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو جديد بنا پائيلٽ وارو ڪارگو جهاز بيجنگ جي بيفا چانگ ينگ يو اي وي ٽيڪنالاجي ڪمپني لميٽيڊ تيار ڪيو آهي ۽ چين جو پهريون 7 ٽن وزني بنا پائليٽ ڪارگو جهاز آهي جنهن کي ڪامياب فلائيٽ ٽيسٽ بعد متعارف ڪرايو ويو آهي . چانگ ينگ 8 ۾ وڏو ڪارگو موجود آهي ۽ 3.5 ٽن تائين سامان کڻڻ جي صلاحيت رکي ٿو جڏهن ته ان جي اڏام جي حد 3 هزار ڪلو ميٽرن کان وڌيڪ آهي . اهو جهاز عام سامان ، تازين شين ، ڪولڊ چين مصنوعات ۽ هنگامي سامان جي فراهمي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو . ماهرن مطابق اهو ڊرون ڊگهي فاصلي جي فراهمي ، ريسڪيو آپريشنز ۽ مشڪل علائقن ۾ سامان پهچائڻ لاءِ انتهائي مفيد ثابت ٿيندو.











