ڪراچي-31 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر نهال هاشمي سان ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران جي معاملن واري وفاقي وزير انجينئر امير مقام ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن جاري بيان مطابق ملاقات دوران وفاقي وزير انجينئر امير مقام، نهال هاشمي کي سنڌ جي گورنر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ کيس نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته نهال هاشمي جي گورنر طور مقرري هڪ سٺو سئنوڻ آهي جيڪو صوبي …
سنڌ جي گورنر سان انجينئر امير مقام جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي-31 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر نهال هاشمي سان ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران جي معاملن واري وفاقي وزير انجينئر امير مقام ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن جاري بيان مطابق ملاقات دوران وفاقي وزير انجينئر امير مقام، نهال هاشمي کي سنڌ جي گورنر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ کيس نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته نهال هاشمي جي گورنر طور مقرري هڪ سٺو سئنوڻ آهي جيڪو صوبي ۾ هاڪاري تبديلين جو سبب بڻجندو. سنڌ جي گورنر نهال هاشمي، ڪراچي جي تعمير ۽ ترقي ۾ پشتون برداري جي ڪردار کي ساراهيو. سنڌ جي گورنر نهال هاشمي، وفاقي وزير جو شڪريو ادا ڪيو ۽ آمد تي شاندار استقبال ڪيو ۽ ان موقعي تي وفاقي وزير کي سنڌي ثقافت جي روايتي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پيش ڪيو. وفاقي وزير انجينئر امير مقام ۽ سنڌ جي گورنر گڏيل دلچسپي جي معاملن، سياسي صورتحال ۽ صوبي جي ترقي سان لاڳاپيل معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام سنڌ جو ڪوآرڊينيٽر فهد شفيق ۽ مسلم ليگ(ن) سوشل ميڊيا سنڌ جو صدر خرم ڀٽي به موجود هو.











