سکر -31 مارچ (اي پي پي) سکر بورڊ جي انتظام هيٺ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان امتحان وٺڻ جو سلسلو جاري آهي. گهوٽڪي، سکر ۽ خيرپور ميرس ضلعن ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي هڪ لک ڏه هزار کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين کان 234 امتحاني سينٽرن تي صبح ۽ شام جو ٻن شفٽن ۾ پيپر ورتو پيو وڃي، ان حوالي سان چيئرمين سکر تعليمي بورڊ زاهد علي چنڙ …
سکر بورڊ جي انتظام هيٺ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان امتحان وٺڻ جو سلسلو جاري

مزید خبریں
سکر -31 مارچ (اي پي پي) سکر بورڊ جي انتظام هيٺ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان امتحان وٺڻ جو سلسلو جاري آهي. گهوٽڪي، سکر ۽ خيرپور ميرس ضلعن ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي هڪ لک ڏه هزار کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين کان 234 امتحاني سينٽرن تي صبح ۽ شام جو ٻن شفٽن ۾ پيپر ورتو پيو وڃي، ان حوالي سان چيئرمين سکر تعليمي بورڊ زاهد علي چنڙ ميڊيا نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته سالياني امتحان دوران گهوٽڪي ضلعي جي 51 امتحاني سينٽرن، سکر ضلعي جي 62 ۽ خيرپور ميرس ضلعي جي 117 امتحاني سينٽرن تي ڪاپي کي روڪڻ لاءِ 33 وجيلنس ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جڏهن ته 5 خاص وجيلنس ٽيمن جي پڻ جوڙجڪ ڪئي وئي آهي، جيڪي 33 وجيلنس ٽيمن جي مانيٽرنگ ڪري رهيون آهن، امتحاني سينٽرن تي موبائيل ۽ گائيڊ بڪ کڻي اچڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن شاگرد توڙي شاگردياڻيون موبائيل وغيرہ کڻي ٿا اچن ته اهي ايڪسٽرنل ۽ انٽرنل ڪليڪشن ڪري پاڻ وٽ رکندا، جيڪي بعد ۾ پيپر ختم ٿيڻ کانپوءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي واپس ڪيا ويندا، ڪاپي جي روڪٿام لاءِ ضلعن جي انتظاميا طرفان ڇاپا مار ٽيمون سينٽرن جو دورو ڪري رهيون آهن، هن ٻڌايو ته امتحاني سينٽرن تي پيپر جي وقت بجلي چالو رکڻ جي سلسلي ۾ سيپڪو اختيارين سان گڏجاڻي ڪئي آهي ان کان علاوه ڪمشنر سکر ڊويزن سان امتحاني سينٽرن ٻاهران سيڪيورٽي انتظامن بابت گڏجاڻي ڪئي وئي، سينٽرن تي پيئڻ جي پاڻي جي انتظام ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه سينٽرن ۾ ميڊيڪل ڪئمپس پڻ لڳايون ويون آهن، هن ٻڌايو ته جوابي ڪاپيون چيڪ ڪرڻ لاءِ بهتر مڪينزم جوڙيو ويو آهي، جنهن سان شفاف نتيجو ايندو، نتيجي جي حوالي سان شفافيت جو خيال رکيو ويو آهي، هن سال نائين ۽ ڏهين ڪلاس سميت يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي سالياني امتحانن جا نتيجا جديد ڪمپيوٽرائيزڊ طريقيڪار مڪمل ڪرڻ بعد ظاهر ڪيا ويندا.











