لاڙڪاڻو - 31 مارچ (اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي اڱاري جي ڏينهن ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شوڪت علي ابڙو سان گڏجي مراد واهڻ لاڙڪاڻو ۾ قائم ميٽرنل چائلڊ هيلٿ ڪيئر سينٽر (ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي مرڪز) جو دورو ڪيو. دوري دوران هن صحت مرڪز جي مختلف حصن جن ۾ او پي ڊي، ايم اين سي ايڇ بلاڪ، ليبارٽري ۽ …
صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو پاران ڊي ايڇ او سان گڏجي مراد واهڻ ۾ قائم ميٽرنل چائلڊ هيلٿ ڪيئر سينٽر جو دورو

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 31 مارچ (اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي اڱاري جي ڏينهن ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شوڪت علي ابڙو سان گڏجي مراد واهڻ لاڙڪاڻو ۾ قائم ميٽرنل چائلڊ هيلٿ ڪيئر سينٽر (ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي مرڪز) جو دورو ڪيو. دوري دوران هن صحت مرڪز جي مختلف حصن جن ۾ او پي ڊي، ايم اين سي ايڇ بلاڪ، ليبارٽري ۽ ايمرجنسي سروس ۾ دوائن جي موجودگي ۽ ان سان گڏوگڏ صفائي سٿرائي ۽ ٻين سهولتن جو پڻ جائزو ورتو. ان موقعي تي صوبائي محتسب جي ريجنل ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو کين هدايتون ڏيندي چيو ته عام ماڻهن ۽ خاص طور تي سينٽر ۾ ايندڙ عورت مريضن جو خاص خيال رکيو وڃي ۽ کين بروقت دوائن جي فراهمي ۽ ٻين سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي ڊاڪٽرن ۽ صحت جي عملي پاران ماڻهن کي مهيا ٿيندڙ صحت جي سهولتن، علاج ۽ ان سان گڏوگڏ صحت مرڪز ۾ صفائي سٿرائي بابت کيس آگاهي ڏئي. ان موقعي تي صحت کاتي جا عملدار پڻ موجود هئا











