گڏيل قومون -31 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد، مين هيٽن يونيورسٽي جي 20 شاگردن سان ملاقات ۾ اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف تي روشني وڌي ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. پاڪستاني نمائندي، گڏيل قومن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اهو واحد اهڙو فورم آهي جيڪو عالمي قانوني حيثيت ۽ اعتماد سان عالمي مسئلن …
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير سان آمريڪي شاگردن جي ملاقات

مزید خبریں
گڏيل قومون -31 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد، مين هيٽن يونيورسٽي جي 20 شاگردن سان ملاقات ۾ اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف تي روشني وڌي ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. پاڪستاني نمائندي، گڏيل قومن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اهو واحد اهڙو فورم آهي جيڪو عالمي قانوني حيثيت ۽ اعتماد سان عالمي مسئلن تي اجتماعي ڪارروائي جي سهولت فراهم ڪري ٿو. هن، مصنوعي ذهانت، پائيدار ترقي جي هدفن (SDGs) ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن جهڙن اڀرندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سهڪار جي ضرورت تي زور ڀريو. گڏيل قومن جي سڌارن تي ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ وڌيڪ مستقل سيٽن جي اضافي جي حمايت نٿو ڪري، پر غير مستقل ميمبرن جي انگ ۾ اضافي جي حق ۾ آهي جيڪو يو ايف سي گروپ جو موقف آهي. ملاقات ۾ سامونڊي ۽ غذائي سيڪيورٽي، جبري لڏ پلاڻ، پاڻي جي کوٽ، پناهگيرن جي مسئلن ۽ عالمي پاڻي جي وسيلن جي اشتراڪ جهڙن موضوعن تي به ڳالهه ٿي ۽ اثرائتن گهڻ رخي قدمن جي اهميت تي زور ڀريو.











