ماسڪو _31 مارچ (اي پي پي) روس جو پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف 14 ۽ 15 مئي 2026ع تي برڪس اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڀارت جو دورو ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو اجلاس هلندڙ سال ڀارت جي صدارت هيٺ ٿيندڙ برڪس سربراهي ڪانفرنس لاءِ اهم دستاويز تيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو . واضع رهي ته برڪس جي صدارت هن وقت ڀارت وٽ آهي . اهو گروپ 2006ع ۾ قائم …
روس جو پرڏيهي وزير 14 مئي تي برڪس اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڀارت جو دورو ڪندو

مزید خبریں
ماسڪو _31 مارچ (اي پي پي) روس جو پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف 14 ۽ 15 مئي 2026ع تي برڪس اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڀارت جو دورو ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو اجلاس هلندڙ سال ڀارت جي صدارت هيٺ ٿيندڙ برڪس سربراهي ڪانفرنس لاءِ اهم دستاويز تيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو . واضع رهي ته برڪس جي صدارت هن وقت ڀارت وٽ آهي . اهو گروپ 2006ع ۾ قائم ٿيو هو جنهن ۾ شروعاتي طورتي برازيل ، روس ، ڀارت ۽ چين شامل هئا بعد ۾ سال (2011ع ۾ ) ڏکڻ آفريقا به ان ۾ شامل ٿي ويو هو. تازن سالن ۾ برڪس جي توسيع تحت مصر، ايران، گڏيل عرب امارات ۽ ايٿوپيا به سال 2024ع ۾ برڪس جا مڪمل ميمبر بڻيا، جڏهن ته انڊونيشيا سال 2025ع ۾ برڪس ۾ شموليت اختيار ڪئي . ان کان علاوه ڪيترن ملڪن کي شراڪتدار جي حيثيت به ڏني وئي آهي جنهن سان ان اتحاد جي عالمي اهميت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.











