اسپيس ايڪس پاران اسٽارلنڪ سيٽلائٽ  خرابي جي تصديق

واشنگٽن 31 مارچ (اي پي پي) آمريڪي خلائي ڪمپني اسپيس ايڪس تصديق ڪئي آهي ته ان جي اسٽارلنڪ سيٽلائٽ کي مدار ۾ خرابي درپيش آهي جنهن سبب ان سان رابطو بند ٿي ويو ۽ خلائي ملبو پيدا ٿيو. پرڏيهي ميڊيا موجب اسٽارلنڪ سيٽلائٽ 34343 مان زمين کان 560 ڪلو ميٽر جي بلندي تي ڪم دوران رابطو بند ٿي ويو اها ڳالهه اسٽار لنڪ  جي سرڪاري ايڪس اڪائونٽ ذريعي جاري ڪئي وئي. …

واشنگٽن 31 مارچ (اي پي پي) آمريڪي خلائي ڪمپني اسپيس ايڪس تصديق ڪئي آهي ته ان جي اسٽارلنڪ سيٽلائٽ کي مدار ۾ خرابي درپيش آهي جنهن سبب ان سان رابطو بند ٿي ويو ۽ خلائي ملبو پيدا ٿيو. پرڏيهي ميڊيا موجب اسٽارلنڪ سيٽلائٽ 34343 مان زمين کان 560 ڪلو ميٽر جي بلندي تي ڪم دوران رابطو بند ٿي ويو اها ڳالهه اسٽار لنڪ  جي سرڪاري ايڪس اڪائونٽ ذريعي جاري ڪئي وئي. بيان موجب تجزيي مان معلوم ٿيو آهي ته ان خرابي سان انٽر نيشنل اسپيس اسٽيشن ۽ ان جي عملي کي ڪو به نئون خطرو لاڳو ناهي ۽ نه ئي ناسا جي ايندڙ آرٽيمس مشن تي ان جو اثر پوندو. اسپيس ايڪس بيان ۾ چيو ته هو سيٽلائٽ ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ ملبي جي نگراني جاري رکندي ان سان ناسا ۽ آمريڪي اسپيس فورس سان تعاون ڪندي. ڪمپني موجب ان واقعي سان گذريل ڏينهن لانچ ڪيل ٽرانسپورٽر 16 مشن کي به خطرو لاڳو ناهي ڇو ته ان مشن جي پي لوڊز کي اسٽار لنڪ سيٽلائٽ نيٽ ورڪ مان مٿي ۽ هيڊ مدار ۾ ڇڏيو ويو هيو ته جئين امڪاني ٽڪراءَ کان بچي سگهجي. ٻئي پاسي آمريڪي خلائي ٽيڪنالاجي ڪمپني ليوليبز به تصديق ڪئي آهي. هن آچر ڏينهن اسٽارلنڪ 34343 بابت ملبي جو واقعو نوٽ ڪيو آهي جنهن جي نوعيت ڊسمبر 2025 ۾ پيش ايندڙ هڪ ٻئي سيٽلائٽ واقعي سان ملندڙ جلندڙ آهي. ماهرن موجب اهڙا واقعا ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته خلائي ماحول ۾ پيش ايندڙ خرابين جي فوري ۽ درست سڃاڻپ  تمام ضروري آهي ته جيئن خطرن جو وقت سر اندازو لڳائي سگهجي.