ميڊرڊ _ 31 مارچ (اي پي پي) اسپين ايران جي جنگ ۾ حصو وٺندڙ آمريڪي جهازن لاءِ فضائي حدون بند ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسپين جي دفاع واري وزير مارگريٽا روبلز چيو آهي ته اسپين ان کان اڳ ايران جي جنگ لاءِ آمريڪا سان گڏيل فوجي اڏا ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو . هن ٻڌايو ته اسان ايران ۾ جنگ بابت ڪارروائين لاءِ فوجي اڏن جي استعمال يا فضائي …
اسپين ايران جي جنگ ۾ حصو وٺندڙ آمريڪي جهازن لاءِ فضائي حدون بند ڪري ڇڏيون

مزید خبریں
ميڊرڊ _ 31 مارچ (اي پي پي) اسپين ايران جي جنگ ۾ حصو وٺندڙ آمريڪي جهازن لاءِ فضائي حدون بند ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسپين جي دفاع واري وزير مارگريٽا روبلز چيو آهي ته اسپين ان کان اڳ ايران جي جنگ لاءِ آمريڪا سان گڏيل فوجي اڏا ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو . هن ٻڌايو ته اسان ايران ۾ جنگ بابت ڪارروائين لاءِ فوجي اڏن جي استعمال يا فضائي استعمال جي اجازت نه ڏينداسين. اسپين جي اقتصادي معاملن واري وزير ڪارلوس ڪيور پنهنجي هڪ ريڊيو انٽرويو ۾ فضائي حدون بند ڪرڻ بابت آمريڪا سان لاڳاپن ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اهو اسپين جي حڪومت طرفان پهريان کان ڪيل ان فيصلي جو حصو آهي ته هو هڪ طرفه ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي شروع ڪيل جنگ ۾ شامل نه ٿيندو. خيال رهي ته اسپين طرفان آمريڪا کي ايران خلاف جنگ لاءِ پنهنجا فضائي اڏا استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ جي فيصلي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسپين سان واپار روڪڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.











