چين ۽ سيشلز وچ ۾ لاڳاپا مخلص دوستي تي ٻڌل آهن: چين جو نائب صدر

بيجنگ 31 - مارچ (اي پي پي)چين جي نائب صدر هان زينگ چيو آهي ته چين ۽ سيشلز وچ ۾ لاڳاپا مخلص دوستي تي ٻڌل آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب آفريقي ملڪ سيشلز جي نائب صدر سيباسٽين پيلائي جي دعوت تي چين جي نائب صدر  هان زينگ سيشلز جو دورو ڪيو.  هن گادي واري هنڌ وڪٽوريه ۾ سيشلز جي صدر پيٽرڪ هرميني سان ملاقات ڪئي. نائب صدر سيبا سٽين پيلائي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.  چين  ۽ …

بيجنگ 31 – مارچ (اي پي پي)چين جي نائب صدر هان زينگ چيو آهي ته چين ۽ سيشلز وچ ۾ لاڳاپا مخلص دوستي تي ٻڌل آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب آفريقي ملڪ سيشلز جي نائب صدر سيباسٽين پيلائي جي دعوت تي چين جي نائب صدر  هان زينگ سيشلز جو دورو ڪيو.  هن گادي واري هنڌ وڪٽوريه ۾ سيشلز جي صدر پيٽرڪ هرميني سان ملاقات ڪئي. نائب صدر سيبا سٽين پيلائي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.  چين  ۽ سيشلز وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 50 هين  سالگرهه جي موقعي تي منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪئي. سيشلز جي صدر پيٽرڪ هرميني سان ملاقات جي موقعي تي هان زينگ صدر شي پنگ پاران صدر پيٽرڪ هرميين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هان زينگ چيو ته هن سال چين ۽ سيشلز وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 50 هين سالگرهه  آهي. چين ۽ سيشلز وچ ۾ لاڳاپا مخلص دوستي، مساوات، گڏيل تعاون تي ٻڌل آهن.