لاڙڪاڻو-30 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻي شهر جي گجڻ پور چوڪ واري علائقي ۾ 11 هزار بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 7 ورهين جي معصوم نينگري مقدس ڌيءَ امتياز ساريو سڙي زخمي ٿي پئي، جنهن کي سندس وارثن کڻائي ٽراما سينٽر آندو، جتي ڊاڪٽرن کيس طبي امداد فراهم ڪئي. ان موقعي تي متاثر نينگري جي چاچي آصف علي ساريو ميڊيا کي ٻڌايو ته ڀائٽي مقدس پنهنجي گهر ساگر …
لاڙڪاڻو ۾ 11 هزار بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 7 ورهين جي معصوم نينگري زخمي، اسپتال داخل

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-30 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻي شهر جي گجڻ پور چوڪ واري علائقي ۾ 11 هزار بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 7 ورهين جي معصوم نينگري مقدس ڌيءَ امتياز ساريو سڙي زخمي ٿي پئي، جنهن کي سندس وارثن کڻائي ٽراما سينٽر آندو، جتي ڊاڪٽرن کيس طبي امداد فراهم ڪئي. ان موقعي تي متاثر نينگري جي چاچي آصف علي ساريو ميڊيا کي ٻڌايو ته ڀائٽي مقدس پنهنجي گهر ساگر ڪالوني اچي رهي هئي ته گجڻ پور چوڪ واري علائقي ۾ 11 هزار بجلي جي ڪريل تار ۾ وچڙي سڙي زخمي ٿي پئي، جنهن کي اسان کڻائي علاج لاءِ اسپتال پهچايو آهي، جتي نينگري جو علاج هلندڙ آهي.











