ڪابل- 30 مارچ (اي پي پي) افعانستان جي مختلف علائقن ۾ شديد ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ گجگوڙ جي نتيجي ۾ 24 ڪلاڪن دوران 17 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 26 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا افغان اختيارين جي حوالي سان رپورٽ ڪيو آهي ته ملڪ ۾ شديد موسمي حالتن سبب ملڪ ۾ اهي تازيون فوتگيون ٿيون آهن. اختيارين مطابق فوتگين جي انگ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو ڇو ته …
افغانستان ۾ شديد برسات ۽ ٻوڏ، 17 ماڻهو اجل جو شڪار، 26 زخمي

مزید خبریں
ڪابل- 30 مارچ (اي پي پي) افعانستان جي مختلف علائقن ۾ شديد ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ گجگوڙ جي نتيجي ۾ 24 ڪلاڪن دوران 17 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 26 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا افغان اختيارين جي حوالي سان رپورٽ ڪيو آهي ته ملڪ ۾ شديد موسمي حالتن سبب ملڪ ۾ اهي تازيون فوتگيون ٿيون آهن. اختيارين مطابق فوتگين جي انگ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو ڇو ته ملڪ جي نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي جي عملي جا ميمبر متاثر علائقن جو جائزو وٺي رهيا آهن. اٿارٽي جي ترجمان يوسف حماد هڪ بيان ۾ چيو ته افغانستان جي 34 مان 13 صوبا متاثر ٿيا آهن. جنهن ۾ وڌيڪ اولهه، مرڪزي ۽ اتر اولهه جا علائقا شامل آهن. هن ٻڌايو ته شديد موسم سبب 147 گهر مڪمل يا جزوي طورتي تباهه ٿي ويا آهن، 80 ڪلو ميٽر روڊ رستا ٻڏي ويا آهن جڏهن ته زرعي زمين ۽ آبپاشي جي ڪينالن واري نظام کي به نقصان پهتو آهي.











