آسٽريليا جو ٽن مهينن لاءِ پٽروليم مصنوعات تي لاڳو ٽيڪس اڌ ڪرڻ جو اعلان

ڪينبرا-30 مارچ (اي پي پي)آسٽريليا جي وزيراعظم اينٿوني البانيز ٽن مهينن لاءِ پيٽروليم مصنوعات تي لاڳو ٽيڪس اڌ  ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب اينٿوني البانيز گذريل ڏينهن صبح جو رياستي ۽ علائقائي اڳواڻن سان ملاقات کان پوءِ ڪينبرا ۾ صحافين کي ٻڌايو ته اربع کان ٽن مهينن لاءِ گيس ايڪسائيز ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي . هن چيو ته اهو قدم وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب پيدا ٿيل …

ڪينبرا-30 مارچ (اي پي پي)آسٽريليا جي وزيراعظم اينٿوني البانيز ٽن مهينن لاءِ پيٽروليم مصنوعات تي لاڳو ٽيڪس اڌ  ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب اينٿوني البانيز گذريل ڏينهن صبح جو رياستي ۽ علائقائي اڳواڻن سان ملاقات کان پوءِ ڪينبرا ۾ صحافين کي ٻڌايو ته اربع کان ٽن مهينن لاءِ گيس ايڪسائيز ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي . هن چيو ته اهو قدم وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب پيدا ٿيل تيل جي بحران سبب وڌندڙ اگهن وچ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 26.3 سينٽ في ليٽر جي گهٽتائي ڪندو. آسٽريلين انسٽيٽيوٽ آف پيٽروليم جي تازن انگن اکرن موجب آچر تائين پيٽرول جي قومي سراسري قيمت في ليٽر 2.53  آسٽريلوي ڊالرن جي رڪارڊ بلند سطح تائين پهچي وئي جيڪا پوئين هفتي جي 2.38  آسٽريلوي ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 6.3 سيڪڙو اضافو آهي. اي آءِ پي موجب ان مدي دوران ڊيزل جي قومي سراسري قيمت 9.7 سيڪڙو وڌي في ليٽر 3.1 آسٽريلوي ڊالر ٿي وئي . آسٽريلوي وزيراعظم چيو ته اسان سمجهون ٿا ته آسٽريلوي عوام شديد دٻاءُ کي منهن ڏئي رهيو آهي. ان ڪري هن اعلان ڪيو ته ڳرين گاڏين ذريعي استعمال ٿيندڙ ڊيزل تي في ليٽر 32.4 سينٽ چارجز ٽن مهينن لاءِ زيرو ڪيون وينديون ته جئين ٽرڪنگ انڊسٽري کي رليف فراهم ڪري سگهجي. ناڻي واري وزير چيو ته انهن ٻنهي قدمن جي نتيجي ۾ حڪومت کي 2.55 ارب آسٽريلوي ڊالرن جو نقصان ٿيندو. هن چيو ته معاشي نقطه نظر کان وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جو خاتمو جيترو جلد ٿي سگهي بهتر آهي. ان دوران ذميواراڻي انداز ۾ جتي ممڪن هجي ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته مهانگائي جي بار ۾ گهٽتائي جي قدمن کان سواءِ رياستي ۽ علائقائي اڳواڻن قومي منصوبي تي اتفاق ڪيو آهي جنهن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته گيس جي سلامتي جي حوالي سان حڪومتون ڪهڙي طرح گڏجي ڪري ڪم ڪنديون.