واشنگٽن – 29 مارچ (اي پي پي) آمريڪي سامونڊي جهاز ”يو ايس ايس ٽريپولي“ وچ اوڀر پهچي ويو آهي. سامونڊي جهاز تي 3500 سيلرز ۽ ميرينز موجود آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق سينٽرل ڪمانڊ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته يو ايس ايس ٽريپولي تي سوار آمريڪي سيلرز ۽ ميرينز آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ذميواري واري علائقي ۾ پهچي ويا آهن. سينٽ ڪام جي پوسٽ مطابق …
آمريڪي سامونڊي جهاز ”يو ايس ايس ٽريپولي“ وچ اوڀر پهچي ويو

مزید خبریں
واشنگٽن – 29 مارچ (اي پي پي) آمريڪي سامونڊي جهاز ”يو ايس ايس ٽريپولي“ وچ اوڀر پهچي ويو آهي. سامونڊي جهاز تي 3500 سيلرز ۽ ميرينز موجود آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق سينٽرل ڪمانڊ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته يو ايس ايس ٽريپولي تي سوار آمريڪي سيلرز ۽ ميرينز آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ذميواري واري علائقي ۾ پهچي ويا آهن. سينٽ ڪام جي پوسٽ مطابق سامونڊي جهاز تي اٽڪل 3500 سيلرز ۽ ميرينز کان علاوه ٽرانسپورٽ جهاز، جنگي جهاز، سامونڊي ۽ زميني حملو ڪرڻ جي صلاحيت ۽ مختلف اثاثا شامل آهن. يو ايس ايس ٽريپولي جو هيڊ ڪوارٽر جاپان جي ساسيبو بيس ۾ آهي، ان جي ڊيگهه اٽڪل 850 فوٽ آهي ۽ ان جي وزني گنجائش 45000 ٽن تائين پهچي ٿي. بنيادي طور تي اهو سامونڊي جهاز هڪ ننڍي جهاز بردار سامونڊي جهاز وانگر آهي، اهو ”ايف-35“ اسٽيلٿ جنگي جهازن، ”ايم وي-22“ اسپري ٽرانسپورٽ جهازن ۽ فوجين کي سامونڊي ڪناري تائين پهچائڻ لاءِ مخصوص لينڊنگ ڪرافٽس کي کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو.











