آءِ اي اي اي جي سربراهه پاران وچ اوڀر ۾ جهيڙيندڙ ڌرين وچ ۾ ڳالهين تي زور

ويانا – 28 مارچ (اي پي پي) عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي سربراهه رافيل ماريانوگروسي ايٽمي ٺڪاڻن تي حملن کي قبولڻ نه جوڳو قرار ڏيندي وچ اوڀر ۾ جهيڙيندڙ ڌرين وچ ۾ ڳالهين جي بحالي تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ۾ هن چيو ته وچ اوڀر جي تڪرار ۾ شامل اموريون ڌريون پائيدار حل جي ڳولا ۾ ڳالهين ڏانهن واپس اچن. هن ان …

ويانا – 28 مارچ (اي پي پي) عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي سربراهه رافيل ماريانوگروسي ايٽمي ٺڪاڻن تي حملن کي قبولڻ نه جوڳو قرار ڏيندي وچ اوڀر ۾ جهيڙيندڙ ڌرين وچ ۾ ڳالهين جي بحالي تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ۾ هن چيو ته وچ اوڀر جي تڪرار ۾ شامل اموريون ڌريون پائيدار حل جي ڳولا ۾ ڳالهين ڏانهن واپس اچن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ايٽمي ٺڪاڻن تي حملا قبول جوڳا ناهن. هن چيو ته ايٽمي پاور پلانٽ تي ڪڏهن به حملو نه ڪرڻ گهرجي، يا ان جي جسماني سالميت تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪرڻ گهرجي.