جمهوريه ڪانگو ۾ استحڪام ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ گڏيل قومن جي امن مشن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي ضرورت آهي: پاڪستان

گڏيل قومون-27 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جمهوريه ڪانگو جي اوڀر واري علائقي ۾ وڌندڙ بدامني کي نظر ۾ رکندي ان ملڪ ۾ گڏيل قومن جي امن مشن (ايم او اين يو ايس سي او) کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو آهي ته جيئن سيڪيورٽي صورتحال کي بهتر بڻائي سگهجي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ جمهوريه ڪانگو جي صورتحال …

گڏيل قومون-27 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جمهوريه ڪانگو جي اوڀر واري علائقي ۾ وڌندڙ بدامني کي نظر ۾ رکندي ان ملڪ ۾ گڏيل قومن جي امن مشن (ايم او اين يو ايس سي او) کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو آهي ته جيئن سيڪيورٽي صورتحال کي بهتر بڻائي سگهجي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ جمهوريه ڪانگو جي صورتحال تي بحث دوران چيو ته جمهوريه ڪانگو ۾ گڏيل قومن جو امن مشن  استحڪام ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ ان کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي تازه ترين رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته مشن جو تجربو، لاجسٽڪ صلاحيت ۽ اهم آبادياتي مرڪزن ۾ موجودگي امن جي قيام لاءِ نهايت اهم آهن. اهو بحث گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ان وقت ٿيو جڏهن اوڀر ڪانگو ۾ جهڙپون خاص طور تي روانڊا جي حمايت يافته باغي گروپ M23 ۽ حڪومتي حامي فوج وچ ۾ جهڙپون شدت اختيار ڪري رهيون آهن. پاڪستاني نمائندي اتر ۽ ڏکڻ ڪيوو صوبن ۾ بگڙجندڙ سيڪيورٽي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته دوحه فريم ورڪ ۽ واشنگٽن معاهدي تحت ڪيل واعدن باوجود M23 جون ڪارروايون جاري آهن، جيڪي امن عمل کي نقصان پهچائي رهيون آهن. هن گڏيل قومن جي قرارداد 2773 تي مڪمل عملدرآمد تي زور ڀريندي چيو ته جنگ بندي، باغين جي نڪرڻ ۽ جمهوريه ڪانگو جي خودمختياري جي احترام جي ضرورت آهي. پاڪستاني نمائندي اها به نشاندهي ڪئي ته فنڊنگ ۾ کوٽ سبب امن مشن جي 2 هزار 674 اهلڪارن، فوجي ماهرن، پوليس اهلڪارن ۽ سويلين عملي کي واپس گهرايو ويو آهي يا انهن جو انگ گهٽ ڪيو ويو آهي، جنهن سان مشن جي مينڊيٽ تي عملدرآمد ۽ اهلڪارن جي سلامتي متاثر ٿي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن جمهوريه ڪانگو ۾ گڏيل قومن جي امن مشن کي وڌيڪ ذميوارين ڏنيون وڃن ٿيون ته ان لاءِ مناسب وسيلا به فراهم ڪرڻ گهرجن. هن هڪ دفعو ٻيهر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڊگهي سياسي حل کي حاصل ڪرڻ لاءِ جاري سفارتي ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. پاڪستاني نمائندي چيو ته اسان آفريقي يونين جي قيادت ۾ ڪيل سهولتڪاري جي ڪوششن جي مرڪزي حيثيت ۽ قطر ذريعي دوحا فريم ورڪ تحت، آمريڪا ذريعي واشنگٽن معاهدي ۽ گريٽ ليڪس ريجن لاءِ گڏيل قومن جي خصوصي ايلچي جي اهم ڪردار کي تسليم ڪريون ٿا. هن چيو ته اهي سمورا قدم گڏيل تعاون ۽ هم آهنگي تحت جاري رهن ۽ هميشه جمهوريه ڪانگو جي خودمختياري، قومي اتحاد ۽ سرزمين جي سالميت جو مڪمل احترام ڪن.