لاڙڪاڻو- 26 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻو ۾ اشتهاري ڌاڙيل حسين بخش چانڊيو گرفتاري پيش ڪري ڇڏي مٿس قتل، ڦر ڌاڙن، چورين ۽ پوليس مقابلا جهڙن ڪيترن ئي سنگين نوعيت جا ڪيس داخل آهن. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي قيادت ۾ لاڙڪاڻو پوليس جُون ڏوهارين خلاف نجات مهراڻ آپريشن تحت ڪارروايُون جاري آهن، جنهن تحت ڪيترن ئي ڏوهارين هٿار اڇلي قانون آڏو پاڻ کي پيش ڪيو آهي. هٿيار اڇليندڙ …
لاڙڪاڻو ۾ اشتهاري ڌاڙيل حسين بخش چانڊيو پاران گرفتاري پيش

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 26 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻو ۾ اشتهاري ڌاڙيل حسين بخش چانڊيو گرفتاري پيش ڪري ڇڏي مٿس قتل، ڦر ڌاڙن، چورين ۽ پوليس مقابلا جهڙن ڪيترن ئي سنگين نوعيت جا ڪيس داخل آهن. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي قيادت ۾ لاڙڪاڻو پوليس جُون ڏوهارين خلاف نجات مهراڻ آپريشن تحت ڪارروايُون جاري آهن، جنهن تحت ڪيترن ئي ڏوهارين هٿار اڇلي قانون آڏو پاڻ کي پيش ڪيو آهي. هٿيار اڇليندڙ ڌاڙيل پنهنجي ٻين ساٿين کي به هٿيار ڦٽا ڪري قانون جي سامهون پيش ٿيڻ جو مشورو ڏنو آهي. جڏهن ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري ڊي ايس پي صدر سعد جبار ۽ لاڳاپيل ايس ايڇ او تعلقه ٿاڻو انسپيڪٽر عبدالغفور ڇٽو کي شاباش ڏيندي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته لاڙڪاڻو ۾ نجات مهراڻ آپريشن ڌاڙيلن ۽ ڏوھن ۾ ملوث ماڻهن جي خاتمي ۽ امن امان جي مڪمل بحالي تائين جاري رهندو











