تهران سميت ايران جي شهرن تي فضائي حملا، اسرائيل جي مرڪزي علائقن ۾ وڌيڪ حملا

تل ابيب _ 26 مارچ (اي پي پي ) ايران جي گادي واري شهر تهران سميت ڪيترن ئي وڏن شهرن تي فضائي حملن ۽ اسرائيل جي مرڪزي علائقن ۾ وڌيڪ ميزائل حملن جا اطلاع مليا آهن .پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻڌايو ويو آهي ته خطي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسرائيل ۾ فضائي حملن جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ۽ تل ابيب ۽ آس پاس جي علائقن ۾ هارن …

تل ابيب _ 26 مارچ (اي پي پي ) ايران جي گادي واري شهر تهران سميت ڪيترن ئي وڏن شهرن تي فضائي حملن ۽ اسرائيل جي مرڪزي علائقن ۾ وڌيڪ ميزائل حملن جا اطلاع مليا آهن .پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻڌايو ويو آهي ته خطي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسرائيل ۾ فضائي حملن جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ۽ تل ابيب ۽ آس پاس جي علائقن ۾ هارن وڄي رهيا آهن . ان کان ڪجهه دير پهريان اسرائيلي فوجين خبردار ڪيو هو ته ايراني سرزمين کان هڪ نئين ميزائل حملي جي خبرملي آهي. پر فوري طورتي ان حملي سبب ڪنهن جاني نقصان جي ڪي اطلاع ناهن مليا. ان کان سواءِ ميڊيا اسرائيل جي حوالي سان رپورٽ ڪيو ته مرڪزي اسرائيل تي لبناني تنظيم حزب الله جي ميزائل حملي ۾ ٽي ماڻهو زخمي ٿيا. 60 سالن جي عورت بم شيلٽر طرف ڊوڙندي زخمي ٿي جڏهن ته ٻيا 2 ماڻهو هڪ ڪار حادثي ۾ ان وقت معمولي زخمي ٿيا جڏهن ميزائل حملي کان خبردار ڪرڻ لاءِ هارن وڄايا ويا. ٻن هنڌن کان ميزائيل جا ٽڪرا به مليا آهن .حزب الله دعوى ڪئي آهي ته ان اسرائيلي گادي واري شهر تل ابيب ۾ دفاع واري وزارت جي آفيس ۽ شهر جي پسگردائي ۾ ملٽري انٽيليجنس هنڌ کي ميزائل حملن سان نشانو بڻايو ويو آهي. بي بي سي مطابق اسرائيلي هٿيار بند فوج ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ايران طرفان ميزائلن جا 2 رائونڊ اڇلايا ويا آهن. اسرائيلي ڊفينس فورسز (آئي ڊي ايف ) جو چوڻ آهي  ته هڪ ڪلاڪ ۾ ايران کان اسرائيل طرف اڇلايل ميزائلن جي ٻن رائونڊن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. اسرائيلي هٿيار بند فوج شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته هو محفوط هنڌن تي پناهه وٺن . اسرائيل جي ايمرجنسي سروس چيو آهي ته مرڪزي اسرائيل ۾ ٻن ماڻهن کي طبي امداد فراهم ڪري رهيا آهيون. ان کان علاوه ايران جي گادي واري شهر تهران سميت وڏن شهرن تي فضائي حملن جو اطلاع ڏنو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق انهن حملن ۾ تهران، مشهد، اصفهان، شيراز ۽ سامونڊي شهر بندر عباس کي نشانو بڻايو ويو. حملن سبب نقصانن بابت فوري طورتي معلومات حاصل ناهي ٿي سگهي.