ڀارت هڪ طرفن قدمن ذريعي ڄمون ڪشمير جي تڪراري حيثيت ڪڏهن به تبديل نٿو ڪري سگهي: پاڪستان

جنيوا-26 مارچ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل کي ياد ڏياريو آهي ته ڄمون ڪشمير عالمي طور تي تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي ۽ هڪ طرفن قدمن ذريعي ان جي اها حيثيت ڪنهن به صورت ۾ تبديل نٿي ڪري سگهجي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب جنيوا ۾ پاڪستان مشن جي فرسٽ سيڪريٽري عديل ممتاز کوکر بي بنياد ڀارتي دعوائن کي رد ڪندي چيو ته گڏيل قومن …

جنيوا-26 مارچ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل کي ياد ڏياريو آهي ته ڄمون ڪشمير عالمي طور تي تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي ۽ هڪ طرفن قدمن ذريعي ان جي اها حيثيت ڪنهن به صورت ۾ تبديل نٿي ڪري سگهجي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب جنيوا ۾ پاڪستان مشن جي فرسٽ سيڪريٽري عديل ممتاز کوکر بي بنياد ڀارتي دعوائن کي رد ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۾ ڄمون ڪشمير جي تڪراري حيثيت تسليم ڪئي وئي آهي ۽ ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. هن چيو ته خود اراديت کان انڪار ويانا ڊڪلريشن ۽ پروگرام آف ايڪشن تحت بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، هن چيو ته ڀارت گڏيل قومن جي چارٽر تحت پابند آهي ته هو ڄمون ڪشمير جي ماڻهن لاءِ پنهنجي خودمختياري واري حق جو استعمال ڪرڻ لاءِ مناسب حالتون پيدا ڪري. هن چيو ته پاڪستان ڀارت کي ان جون ذميواريون ياد ڏياريندو رهيو آهي جنهن تي هو بي بنياد الزامن جو سهارو وٺي رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفو معطل ڪري پاڪستان خلاف آبي دهشتگردي ڪئي آهي. هن چيو ته معاهدي کي هڪ طرفي طور ڪنهن به صورت ۾ معطل نٿو ڪري سگهجي ڇو جو ان ۾ اهڙي ڪا شق ناهي.