بنگلاديش ۾ مسافر بس درياهه ۾ ڪرڻ سبب 23 ڄڻا اجل جو شڪار، هلندڙ ٽرين ۾ باهه

ڍاڪا-26 مارچ (اي پي پي) بنگلاديش ۾ مسافر بس پدما درياهه ۾ ڪرڻ سبب 23 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن .پرڏيهي ميڊيا موجب مسافر بس شام جو 5 وڳي گهاٽ نمبر 3 پهتي ته هڪ ننڍي يوٽيلٽي فيري زور سان هڪ ٻي ننڍي ٻيڙي سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ بس ڪنٽرول مان ٻاهر ٿي پدما درياهه ۾ ڪري پئي. فائر سروس پدما درياهه مان لاش ڪڍي ورتا آهن. …

ڍاڪا-26 مارچ (اي پي پي) بنگلاديش ۾ مسافر بس پدما درياهه ۾ ڪرڻ سبب 23 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن .پرڏيهي ميڊيا موجب مسافر بس شام جو 5 وڳي گهاٽ نمبر 3 پهتي ته هڪ ننڍي يوٽيلٽي فيري زور سان هڪ ٻي ننڍي ٻيڙي سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ بس ڪنٽرول مان ٻاهر ٿي پدما درياهه ۾ ڪري پئي. فائر سروس پدما درياهه مان لاش ڪڍي ورتا آهن. حادثي کان پوءِ پوليس ، فوج ، نيول پوليس ۽ فائر سروس جون ٽيمون امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهن جڏهن ته ضلعي انتظاميه جي اعليٰ اختياريون به موقعي تي موجود هيون. جڏهن ته ٻئي طرف چٽا گانگ کان ڍاڪا ويندڙ مسافر ٽرين ۾ باهه لڳي وئي. صبح جو 7 وڳي هلندڙ ٽرين ۾ باهه لڳڻ جي اطلاع تي پاور ڪار ( بجلي پيدا ڪندڙ ڪوچ ) ۾ لڳل باهه تي فوري طور تي ڪنٽرول ڪيو ويو. باهه لڳڻ جو سبب فوري طور معلوم ناهي ٿي سگهيو.