رياض-26 مارچ (اي پي پي ) سعودي عرب جي گهرو وزير اهڙن ويزا هولڊرز غير ملڪين جي اسٽيٽس کي درست ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي .جيڪو خطي جي موجوده صورتحال سبب مملڪت مان واپس نه وڃي سگهيا هيا. پرڏيهي ميڊيا موجب گهرو وزير پاران گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ان ۾ هر قسم جي وزٽ ويزا ، عمري، ٽرانزٽ يا فائنل ايگزيٽ ويزا شامل …
سعودي عرب پاران مدو ختم ٿيل ويزا هولڊرز کي 18 اپريل تائين واڌ يا ڏنڊ بنا واپسي جي اجازت

مزید خبریں
رياض-26 مارچ (اي پي پي ) سعودي عرب جي گهرو وزير اهڙن ويزا هولڊرز غير ملڪين جي اسٽيٽس کي درست ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي .جيڪو خطي جي موجوده صورتحال سبب مملڪت مان واپس نه وڃي سگهيا هيا. پرڏيهي ميڊيا موجب گهرو وزير پاران گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ان ۾ هر قسم جي وزٽ ويزا ، عمري، ٽرانزٽ يا فائنل ايگزيٽ ويزا شامل آهن جيڪي 25 فيبروري تي ايڪسپائر ٿي چڪا هيا. بيان ۾ چيو ويو هيو ته مملڪت ۾ موجود اهڙا پرڏيهي جن جي ويزن جو مدو 25 فيبروري تي ختم ٿي ويو هيو. انهن کي خصوصي رعايت ڏني وئي آهي اهي سڀ ماڻهو جن جا ويزا ايڪسپائر ٿي چڪا آهن ۽ هو وزٽ ويزا جي مدي ۾ توسيع ڪرائڻ جا خواهشمند آهن انهن کي گهرجي ته هو ابشر پليٽ فارم تي مقررڪيل فيس ادا ڪري 18 اپريل تائين توسيع حاصل ڪري پنهنجي ملڪ روانو ٿي سگهن ٿا ته ايڪسپائر ويزا هولڊرز جو 18 اپريل کان اڳ مملڪت مان ايگزٽ ڪرڻ جا خواهشمند آهن هو بغير ڪنهن ڏنڊ جي پنهنجي سيٽ ڪنفرم ڪرائڻ کانپوءِ روانو ٿي سگهن ٿا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙا ماڻهو جن جا ويزا ايڪسپائر ٿي چڪا آهن هوڪنهن به قسم جي خلاف ورزي کان بچڻ لاءِ 18 اپريل تائين مملڪت مان روانا ٿي وڃن.











