سکر-25 مارچ (اي پي پي) سکر جي مائيڪرو ڪالونيءَ ۾ نوجوان ڇوڪريءَ کي ڪارنهن جي الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي. سکر جي نيوپنڊ ٿاڻي جي حد مائڪرو ڪالونيءَ ۾ مبينا طور جوابدار امان الله ملڪ فائرنگ ڪري پنهنجي 18 ورهين جي نوجوان سوٽ انساءَ ملڪ کي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو. مقتول نوجوان ناري جي والد علي شير ملڪ پوليس کي ٻڌايو …
سکر ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ڇوڪري قتل، جوابدار فرار

مزید خبریں
سکر-25 مارچ (اي پي پي) سکر جي مائيڪرو ڪالونيءَ ۾ نوجوان ڇوڪريءَ کي ڪارنهن جي الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي. سکر جي نيوپنڊ ٿاڻي جي حد مائڪرو ڪالونيءَ ۾ مبينا طور جوابدار امان الله ملڪ فائرنگ ڪري پنهنجي 18 ورهين جي نوجوان سوٽ انساءَ ملڪ کي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو. مقتول نوجوان ناري جي والد علي شير ملڪ پوليس کي ٻڌايو آهي ته نياڻي عيد جي ٻئي ڏينهن تي گهران نڪري وئي هئي، جيڪا بعد ۾ واپس آئي جنهن کي پنهنجي ڀاءٌ حبيب الله ملڪ جي گهر رهايو هو، ڀائيٽِي امان الله فائرنگ ڪري منهنجي ڌيءَ کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو آهي. اِن ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او نيوپنڊ عبدالحميد مهر ٻڌايو آهي ته قتل جي الزام هيٺ آيل جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو آهي، جنهن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپن وارو سلسلو جاري آهي. لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال سکر مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. وارثن جي پهچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو. واقعي جي گهڻ رخي جاچ جاري آهي. ، جيڪڏهن قتل ۾ فرار ٿي ويل جوابدار کان سواءِ به ڪو ملوث هوندو اُن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.











