لاڙڪاڻي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت دستي بم رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 7 سال قيد جي سزا ٻُڌائي ڇڏي

لاڙڪاڻو-25 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت دستي بم رکڻ واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. لاڙڪاڻي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج الطاف حسين دايو جي عدالت ۾ 6 مهينا اڳ رتوديرو ٿاڻي تي داخل دستي بم رکڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جتي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدار مٺا …

لاڙڪاڻو-25 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت دستي بم رکڻ واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. لاڙڪاڻي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج الطاف حسين دايو جي عدالت ۾ 6 مهينا اڳ رتوديرو ٿاڻي تي داخل دستي بم رکڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جتي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدار مٺا خان پٽ غلام سرور مهر کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. واضع رهي ته 6 مهينا اڳ رتوديرو ٿاڻي جي پوليس الله وارو چوڪ وٽان ڪاروائي ڪري ڳوٺ وڏا مهر واسي جوابدار مٺا خان پٽ غلام سرور مهر کي گرفتار ڪري سندس وٽان دستي بم هٿ ڪري سرڪار جي فرياد تي اهڙو ڪيس داخل ڪيو هو.