لاڙڪاڻو-25 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ ڪرڪيٽ راند جي پراڻن رانديگرن جي واٽس اپ ۽ اولڊ از گولڊ گروپ پاران ناليواري ڪرڪيٽر، الشھباز ڪرڪيٽ ڪلب لاڙڪاڻو جي اڳوڻي ڪپتان، سماجي شخصيت ۽ اڳوڻي ٽريزري آفيسر محمد سليمان ميراڻي جي ياد ۾ اڳوڻي ڪرڪيٽر ڊي ايس پي فدا حسين چانڊيو جي رهائشگاهه تي تعزيتي ميڙاڪو منعقد ڪيو ويو. تعزيتي ميڙاڪي کي صدارتي خطاب ڪندي مرحوم محمد سليمان ميراڻي جي وڏي …
لاڙڪاڻي ۾ اڳوڻي ڪرڪيٽر محمد سلمان ميراڻي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-25 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ ڪرڪيٽ راند جي پراڻن رانديگرن جي واٽس اپ ۽ اولڊ از گولڊ گروپ پاران ناليواري ڪرڪيٽر، الشھباز ڪرڪيٽ ڪلب لاڙڪاڻو جي اڳوڻي ڪپتان، سماجي شخصيت ۽ اڳوڻي ٽريزري آفيسر محمد سليمان ميراڻي جي ياد ۾ اڳوڻي ڪرڪيٽر ڊي ايس پي فدا حسين چانڊيو جي رهائشگاهه تي تعزيتي ميڙاڪو منعقد ڪيو ويو. تعزيتي ميڙاڪي کي صدارتي خطاب ڪندي مرحوم محمد سليمان ميراڻي جي وڏي فرزند اسرار احمد ميراڻي چيو ته بابا، اسان لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ ھو، سموري ڪٽنب سميت مائٽن ۽ رشتيدارن لاءِ به مسيحا ھو. ھن اسان کي تعليم ڏيارڻ سان گڏ اسان جي تربيت شفيق پيءُ ۽ دوست جيان ڪئي. ھن اسان جي ذھني، اخلاقي ۽ سماجي تربيت ايتري ته شاندار ڪئي جو اڄ اسين ثابت قدمي سان پنھنجي منزل طرف گامزن آھيون. خاص مھمان طور اڳوڻي ناليواري ڪرڪيٽر عبدالنبي مگسي چيو ته محمد سليمان ميراڻي سان محبت وارو تعلق 1982ع کان قائم رھيو. ھو دل ۽ دسترخوان جو ڪشادو ماڻھو ھو. ھو دوستن جو سچو دوست ۽ سڀني کي ساڻ کڻي ھلڻ وارو ماڻھو ھو. محمد سليمان ميراڻي لسانيات ۽ فرقيواريت کان مٿانهون نج انسان دوست شخص ھو. ھو خود ثنائي کي پسند نه ڪندو ھو، سندس لاءِ اڄ به اسان جا نيڻ آلا آھن. اعزازي مھمان اڳوڻي ڪرڪيٽر، سياسي سماجي شخصيت حميد الله تونيو چيو ته محمد سليمان ميراڻي منھنجو ننڍپڻ جو دوست ھو. اسان ٻئي سائيڪل تي چڙھي گهمندا ھئاسين. ھن جي امڙ مون کي ۽ منھنجي امڙ وري ھن کي پٽ ڪري سڏينديون ھيون. ھو بھترين ڪردار جو مالڪ ۽ غريب پرور شخص ھو. فدا حسين چانڊيو چيو ته محمد سليمان ميراڻي محبتون ڏيندڙ شخص ھو. ھن کان مليل پيار اڄ به نه ٿو وسري. هو ڀٽائي جي بيت جيان “سپت” تي ساهه ڏيندڙ ۽ ڪپت کان ڪوھين ڏور رھندڙ شخص ھو. ھن جو انسان دوستيءَ وارو ڪردار اسان سڀني کان کيس مٿانهون ڪري ٿو. ناليواري اديب، شاعر، اڳوڻي ڪرڪيٽر، ڪرڪيٽ ڪمينٽريٽر ۽ اسڪائوٽس ليڊر استاد گل دايو چيو ته محمد سليمان ميراڻي ھڪ اھڙو شخص ھو جنھن جي دوستيءَ تي فخر ڪري سگهجي ٿو. ھو بھترين ڪرڪيٽر سان گڏ بااخلاق ۽ معتبر شخص ھو. ھن کي ڪرڪيٽ راند سان بيحد لڳاءُ ھو. ھن جي ٽيم الشھباز ڪرڪيٽ ڪلب سندس سڃاڻپ ھئي. ساڳي ڪلب ھن جي اڳواڻيءَ ۾ سڄي سنڌ ۾ ڪاميابيون حاصل ڪري نالو ڪمايو. ھن ڪيترن ئي ڪرڪيٽرن کي اولاد جيان پاليو ۽ سندن مالي سهائتا ڪئي. تعزيتي ميڙاڪي کي پراڻن ڪرڪيٽرن خادم حسين ميمڻ، رفيق احمد سانگي، شاهه بخش خاصخيلي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.











