رياض _ 25 مارچ (اي پي پي)سعودي عرب جي ڊائريڪٽوريٽ آف سول ڊفينس خبردار ڪيو آهي ته مملڪت ۾ 28 مارچ تائين گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. شهري محفوظ هنڌن تي رهن خاص ڪري ٻوڏ وارن علائقن ۽ وادين طرف وڃڻ کان پاسو ڪن . پرڏيهي ميڊياجي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته مڪي شريف، رياض ، تبوڪ ، الجوف ، حائل ، حدود شماليه ، مدينو شريف ، …
سعودي عرب ۾ 28 مارچ تائين گجگوڙ سان برسات جو امڪان، اختيارين جي شهرين کي محفوظ هنڌ تي منتقل رهڻ جي اپيل

مزید خبریں
رياض _ 25 مارچ (اي پي پي)سعودي عرب جي ڊائريڪٽوريٽ آف سول ڊفينس خبردار ڪيو آهي ته مملڪت ۾ 28 مارچ تائين گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. شهري محفوظ هنڌن تي رهن خاص ڪري ٻوڏ وارن علائقن ۽ وادين طرف وڃڻ کان پاسو ڪن . پرڏيهي ميڊياجي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته مڪي شريف، رياض ، تبوڪ ، الجوف ، حائل ، حدود شماليه ، مدينو شريف ، الحباحه ، عسير ، جازان ، نجران ، قصيم ۽ اوڀر وارن صوبن ۾ تيز برسات جو امڪان آهي. ان سان گڏ انهن علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال، ڳڙو پوڻ ۽ مٽي جي طوفان جو امڪان آهي . نيشنل سينٽر فار ميٽروولاجي (اين سي ايم) مطابق ٻيٽ نما عرب ۾ اها موسمياتي تبديلي گرم هوائن ۽ ٿڌين هوائن جي ميلاپ سبب پيدا ٿي آهي. جنهن سبب گجگوڙ سان برسات ، تيز برسات ۽ ڳڙا ڪرندا ، شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو ميڊيا کان جاري حفاظتي هدايتن تي عمل ڪن.











