جيستائين پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبلي ۾ اڪثريت ۾ آهي، تيستائين سنڌ ۾ نئون صوبو ڪڏهن به نه ٺهندو: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو- 24 مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو چيو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد منظور ڪرائي سنڌ جي وحدت خلاف سازش کي دفن ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيستائين پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبلي ۾ اڪثريت ۾ آهي، تيستائين سنڌ ۾ نئون صوبو ڪڏهن به نه ٺهندو. اھڙن خيالن جو اظهار هن ميروخان ۾ پيپلز پارٽي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي عهديدارن ۽ …

لاڙڪاڻو- 24 مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو چيو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد منظور ڪرائي سنڌ جي وحدت خلاف سازش کي دفن ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيستائين پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبلي ۾ اڪثريت ۾ آهي، تيستائين سنڌ ۾ نئون صوبو ڪڏهن به نه ٺهندو. اھڙن خيالن جو اظهار هن ميروخان ۾ پيپلز پارٽي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو. ھن چيو ته آئين ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جو طريقو موجود آهي ۽ آئين موجب نئين صوبي لاءِ لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي مان ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان قرارداد جي منظوري لازمي آهي ۽ جيستائين صوبائي اسيمبلي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان اهڙي قرارداد منظور نه ڪندي تيستائين نئون صوبو ٺهي نٿو سگهي. نثار کھڙو چيو ته پيپلز پارٽي جي موجودگي ۾ سنڌ ۾ نئون صوبو ڪڏهن به نه ٺهندو ۽ جيڪڏهن ايم ڪيو ايم (پاڪستان) اهو سمجهي ٿي ته اهڙيون ڳالهيون ڪري پنهنجي وڃايل مقبوليت واپس حاصل ڪندي ته اها انهن جي ڀُل آهي. ھن چيو ته سنڌ ۾ نئون صوبو ٺاهڻ جو مطالبو عوام ۾ نفرتون وڌائڻ جي سازش آهي، جڏهن ته سنڌ جي عوام لسانيت ۽ فرقيواريت کي رد ڪري ٿي. هن چيو ته آر بي او ڊي ٽو جو منصوبو ٽي ڀيرا نظرثاني ٿيڻ بعد 62 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي ۽ 40 ارب رپيا خرچ ٿيڻ باوجود به منصوبي تي ڪم بند آهي. ھن چيو ته آر بي او ڊي ٽو منصوبي تي 40 ارب رپيا خرچ ٿيڻ باوجود آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري هن منصوبي کي نان فزيبل قرار ڏئي ان تي ڪم شروع ڪرائڻ لاءِ 200 ارب رپين جو نئون ڪاٿو ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته آبپاشي کاتي وٽ آر بي او ڊي ٽو لاءِ 5 ارب رپين کان وڌيڪ رقم موجود آهي، تنهن ڪري پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته منصوبي تي ڪم شروع ڪيو وڃي، جڏهن ته منصوبي لاءِ ڪنسلٽنٽ مقرر ڪرڻ لازمي آهي ۽ پي اي سي، سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي هدايتون ڏنيون آهن ته آر بي او ڊي منصوبي لاءِ ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو وڃي ۽ ڪنسلٽنٽ مقرر ٿيڻ کان پوءِ ڪم شروع ٿيڻ گهرجي ڇو ته اهو منصوبو سنڌ لاءِ انتهائي اهم آهي. نثار کھڙو چيو ته پيپلز پارٽي مالي بچت جي کي نظر ۾ رکندي 4 اپريل تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 47 هين ورسي جي موقعي تي ضلعي سطح تي دعائيه تقريبون منعقد ڪندي. هن چيو ته شهيد ڀٽو ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو ۽ شهيد بينظير ڀٽو ملڪ کي ميزائل ٽيڪنالاجي ڏني، جنهن سبب پاڪستان ڏانهن ڪو به بُري نظر سان نه ٿو ڏسي سگهي. ھن چيو ته ايم ڪيو ايم پاران سنڌ ۾ بيروزگار ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ سبب ڀرتين ۾ دير ٿي پر عدالت مان اسٽي ختم ٿيڻ بعد سنڌ حڪومت سنڌ جاب پورٽل ذريعي ميرٽ تي نوڪريون ڏيڻ لاءِ مختلف کاتن ۾ اشتهار جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ ٽيسٽن بعد نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون ملڻ شروع ٿينديون. ھن چيو ته وفاقي حڪومت اڃا تائين سکر حيدرآباد موٽروي جي تعمير شروع نه ڪئي آهي، تنهنڪري وفاق کان مطالبو ڪجي ٿو ته ان منصوبي تي فوري ڪم شروع ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي کي به سي پيڪ ۾ شامل ڪري.