پ پ پ ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر جي مختلف سياسي اڳواڻن جي ملاقات

لاڙڪاڻو- 24 مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر سان نئون ديرو هائوس ۾ اڳوڻي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال، پي پي پي تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال ۽ چيئرمين دڙي ٽائون شاهه رخ انور سيال ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هنن فريال ٽالپر کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. ان حوالي سان طارق انور سيال جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي …

لاڙڪاڻو- 24 مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر سان نئون ديرو هائوس ۾ اڳوڻي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال، پي پي پي تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال ۽ چيئرمين دڙي ٽائون شاهه رخ انور سيال ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هنن فريال ٽالپر کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. ان حوالي سان طارق انور سيال جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت جي هدايتن تي پوري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويو آهي، پيپلز پارٽي جا چونڊيل نمائندا پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ کليل ڪچهريون ڪري عوام جا مسئلا حل ڪري رهيا آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪري کين درن تائين سهولتون فراهم ڪيون.

مزید خبریں