لنڊن- 24 مارچ (اي پي پي) ايران چيو آهي ته آبناءِ هرمز دشمنن کانسواءِ سڀني لاءِ کليل آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه گذريل ڏينهن گڏيل قومن جي ميري ٽائيم ايجنسي ۾ شامل ايران جي نمائندي علي موسوي هڪ انٽرويو ۾ چئي. علي موسوي برطانيا ۾ ايران جو سفير به آهي. هن چيو ته ايران عالمي ميري ٽائم آرگنائزيشن کي بهتر بنائڻ ۽ سمنڊ ۾ بحري جهازن جي تحفظ لاءِ …
آبناءِ هرمز دشمن جي جهازن کانسواءِ سڀني لاءِ کليل آهي: ايران

مزید خبریں
لنڊن- 24 مارچ (اي پي پي) ايران چيو آهي ته آبناءِ هرمز دشمنن کانسواءِ سڀني لاءِ کليل آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه گذريل ڏينهن گڏيل قومن جي ميري ٽائيم ايجنسي ۾ شامل ايران جي نمائندي علي موسوي هڪ انٽرويو ۾ چئي. علي موسوي برطانيا ۾ ايران جو سفير به آهي. هن چيو ته ايران عالمي ميري ٽائم آرگنائزيشن کي بهتر بنائڻ ۽ سمنڊ ۾ بحري جهازن جي تحفظ لاءِ تعاون جاري رکندو. ايران جي دشمنن کانسواءِ ٻيا بحري جهاز حفاظتي تعاون سان آبناءِ هرمز مان گذري سگهن ٿا. هن چيو ته سفارتڪاري ايران جي ترجيح آهي، جڏهن ته جارحيت جو مڪمل خاتمو ۽ گڏيل اعتماد ان کان وڌيڪ اهم آهي. هن چيو ته هن وقت آبناءِ هرمز جي جيڪا صورتحال آهي ان جو بنيادي سبب ايران تي اسرائيل ۽ آمريڪا جا حملا آهن.











