ڀارت پاران ڌمڪين باوجود خالصتان مشن کان پوئتي نه ھٽنداسين: ڪينيڊا جي سک فيڊريشن

اوٽاوا- 24 مارچ (اي پي پي) ڪينيڊا ۾ ترسيل سک ڪارڪن ۽ سک فيڊريشن آف ڪينيڊا جي چيئرمين مونيندر سنگھه چيو آھي ته ڀارت طرفان مليل نئين ڌمڪين باوجود خالصتان مشن کان پوئتي نه ھٽنداسين. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھن جنيوا ۾ گڏيل قومن جي يورپين ھيڊڪوارٽر ۾ ڳالھائيندي چيو ته کيس جان کان مارڻ جي ڌمڪين جي خبر پئي ته پوءِ به ھن خالصتان مشن تي پنھنجو ڪم جاري رکڻ …

اوٽاوا- 24 مارچ (اي پي پي) ڪينيڊا ۾ ترسيل سک ڪارڪن ۽ سک فيڊريشن آف ڪينيڊا جي چيئرمين مونيندر سنگھه چيو آھي ته ڀارت طرفان مليل نئين ڌمڪين باوجود خالصتان مشن کان پوئتي نه ھٽنداسين. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھن جنيوا ۾ گڏيل قومن جي يورپين ھيڊڪوارٽر ۾ ڳالھائيندي چيو ته کيس جان کان مارڻ جي ڌمڪين جي خبر پئي ته پوءِ به ھن خالصتان مشن تي پنھنجو ڪم جاري رکڻ جو ارادو ظاھر ڪيو. ھن چيو ته اسان خاموش نه ٿينداسين. ھن ڀارت طرفان پرڏيھه ۾ ترسيل سک ڪارڪنن کي مبينا طور نشاڻو بڻائڻ خلاف عالمي سطح تي ڪارروائي جي اپيل ڪئي. سک ڪارڪنن الزام لڳائيندي چيو ته ڀارت طرفان سڄي دنيا ۾ سکن کي نشاڻو بڻايو پيو وڃي ۽ ان لاءِ ڏوھاري گروپن کي استعمال ڪيو ويندو آھي. ان معاملي ۾ سڀ کان مشھور ڪيس مونيندر سنگھه جي دوست ھرديپ سنگھه نجر جو آھي، جنھن کي 2023ع ۾ وينڪوور جي علائقي ۾ ھڪ گوردواري ويجھو فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو ھو. واقعي کانپوءِ ان وقت جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو ڀارت تي الزام لڳايو ھو ته ھو ان ۾ ملوث آھي، جنھن کانپوءِ ساڳيو الزام ڪينيڊا جي ڳجهن ادارن به ورجايو. 44 ورھين جو ڪينيڊين شھري مونيندر سنگھه چيو ته ڪينيڊا جي حڪومت طرفان سفارتي لاڳاپن کي ايترو جلدي بغير ڪنھن تبديلي جي معمول تي آڻڻ انتھائي پريشان ڪن آھي. ھرديپ سنگھه نجر جيان مونيندر سنگھه به آزاد سک رياست جي وڪالت واري گروپ جو حصو آھي، جنھن کي خالصتان چيو ويندو آھي. ھرديپ سنگھه نجر جي مارجي وڃڻ کان ھڪ سال اڳ ڪينيڊا جي اختيارين انھن کان علاوه مونيندر سنگھه کي به خطرن کان آگاھه ڪيو ھو.