ڪولمبيا ۾ فوجي جهاز حادثي ۾ فوتگين جو انگ 66 ٿي ويو، ڪيترائي زخمي

بگوٽا- 24 مارچ (اي پي پي) ڪولمبيا ۾ فوجي جهاز ٽيڪ آف کانپوءِ ڪِري تباهه ٿي وڃڻ جي نتيجي ۾ 66 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا فوجي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته هڪ فوجي جهاز سي130 هرڪيوليس ڏکڻ سرحدي علائقي پورٽو ليگوزامو مان روانگي کانپوءِ حادثي جو شڪار ٿي ويو، جنهن جو ملبو سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويو، حادثي سبب فضائيه جا …

بگوٽا- 24 مارچ (اي پي پي) ڪولمبيا ۾ فوجي جهاز ٽيڪ آف کانپوءِ ڪِري تباهه ٿي وڃڻ جي نتيجي ۾ 66 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا فوجي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته هڪ فوجي جهاز سي130 هرڪيوليس ڏکڻ سرحدي علائقي پورٽو ليگوزامو مان روانگي کانپوءِ حادثي جو شڪار ٿي ويو، جنهن جو ملبو سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويو، حادثي سبب فضائيه جا 6 اهلڪار ۽ پوليس آفيسر سميت 66 فوجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته حڪومت جي سيڪريٽري ٻڌايو ته شروعاتي طور تي 33 فوتگين جي تصديق ٿي هئي، وڌيڪ فوتگيون علاج دوران ٿيون. هن چيو ته حادثي جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي. دفاع واري وزير پيڊرو سانچيز حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته حادثي جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ وقت گهرجي جهاز ۾ 114 فوجي ۽ عملي جا 11 ميمبر سوار هئا. جيڪي پورٽوليگوزاموکان ويجهي چوڪي طرف وڃي رهيا هيا.