ڄمون- 24 مارچ (اي پي پي) غيرقانوني طور ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي رام بن ضلعي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن، جنهن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت 2.4 هئي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق نيشنل سينٽر فارسيسمو لوجي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته زلزلو 23 مارچ جي رات 11 لڳي 46 منٽ تي آيو. زلزلي جا لوڏا ڀرپاسي جي علائقن ۾ به محسوس ڪيا ويا. زلزلي …
ڄمون ڪشمير ۾ 2.4 شدت جي زلزلي جا لوڏا

مزید خبریں
ڄمون- 24 مارچ (اي پي پي) غيرقانوني طور ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي رام بن ضلعي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن، جنهن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت 2.4 هئي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق نيشنل سينٽر فارسيسمو لوجي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته زلزلو 23 مارچ جي رات 11 لڳي 46 منٽ تي آيو. زلزلي جا لوڏا ڀرپاسي جي علائقن ۾ به محسوس ڪيا ويا. زلزلي سبب ڪنهن جاني يا مالي نقصان جا اطلاع نه مليا آهن.











