ڪراچي- 23 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر محمد نهال هاشمي سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي گورنر ھائوس ۾ ملاقات ڪئي. فيصل ڪريم ڪنڊي، محمد نهال هاشمي کي سنڌ جي گورنر کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن بين الصوبائي هم آهنگي ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ پيپلز پارٽي جا اڳواڻ نيئر …
سنڌ جي گورنر سان فيصل ڪريم ڪنڊي جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي- 23 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر محمد نهال هاشمي سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي گورنر ھائوس ۾ ملاقات ڪئي. فيصل ڪريم ڪنڊي، محمد نهال هاشمي کي سنڌ جي گورنر کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن بين الصوبائي هم آهنگي ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ پيپلز پارٽي جا اڳواڻ نيئر بخاري، نديم افضل چن ۽ انور عالم خان پڻ موجود هئا. ڳالهه ٻولهه دوران عوامي مسئلن جي حل ۽ قومي اتحاد کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو ويو. اڳواڻن زور ڏنو ته ملڪ جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ صوبن جي وچ ۾ تعاون ۽ هم آهنگي ضروري آهي.











