ڪراچي- 23 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سال 2022ع واري تباھي آڻيندڙ ٻوڏ ۾ صوبي جا 19808 اسڪول متاثر ٿيا، پر صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن سميت ترقياتي ڀائيوارن جي پروگرامن تحت 5314 اسڪولن جي ٻيهر تعمير ۽ بحالي ڪري رھيا آھيون، جنهن سان 1.4 ملين کان وڌيڪ شاگردن لاءِ تعليمي سهولتون بحال ٿي رهيون آهن. اهڙو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس …
سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ 2022ع جي ٻوڏ دوران تباهه ٿيل اسڪولن جي بحالي جي حوالي سان اجلاس منعقد

مزید خبریں
ڪراچي- 23 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سال 2022ع واري تباھي آڻيندڙ ٻوڏ ۾ صوبي جا 19808 اسڪول متاثر ٿيا، پر صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن سميت ترقياتي ڀائيوارن جي پروگرامن تحت 5314 اسڪولن جي ٻيهر تعمير ۽ بحالي ڪري رھيا آھيون، جنهن سان 1.4 ملين کان وڌيڪ شاگردن لاءِ تعليمي سهولتون بحال ٿي رهيون آهن. اهڙو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ اسڪولن جي ٻيهر تعمير ۽ بحاليءَ جي اڳڀرائيءَ جو جائزو وٺڻ بابت رٿيل اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. وڏي وزير جي ترجمان موجب ان موقعي تي تعليم واري وزير، وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ٻوڏ دوران صوبي جا 19,808 اسڪول متاثر ٿيا، جن مان 5,465 اسڪولن جي ٻيهر تعمير ۽ بحالي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جنهن ۾ 2,268 مڪمل طور تي تباهه ٿيل ۽ 3,197 جزوي طور متاثر اسڪول شامل آهن. باقي 14,343 اسڪول اڃا بحالي جا منتظر آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اسڪولن جي بحاليءَ وارا ھلندڙ ڪم صوبائي حڪومت، وفاقي حڪومت ۽ ٻين ادارن جي پروگرامن تحت جاري آھن. سرڪاري انگن اکرن موجب، 5,369 اسڪول وڏن تعميراتي رٿائن ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جن جي لاڳت 167 ارب روپيا آهي، جن مان 63.95 ارب روپيا خرچ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 2,114 اسڪول مختلف مالي انتظام تحت مڪمل ٿي چڪا آهن. صوبي جي سالياني ترقياتي پروگرام (اي ڊي پي) تحت 2,405 اسڪولن تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي، جن مان 617 مڪمل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته باقي منصوبا جون 2027ع تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. مينٽيننس ۽ مرمت پروگرام 23-2022ع ۽ 25-2024ع تحت 938 اسڪولن جي بحالي ڪاميابي سان ڪئي وئي ۽ اهي سڀ مڪمل ٿي چڪا آهن. سنڌ اسڪول ايجوڪيشن انويسٽمينٽ پروگرام براءِ ٻوڏ متاثر تحت پڻ وڏي پيماني تي تعميراتي ڪم ھلندڙ آهي، جنهن ۾ 805 اسڪول شامل آهن ۽ اميد آهي ته اهي جون 2027ع تائين مڪمل ٿي ويندا. وفاقي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ 481 مڪمل طور تباهه ٿيل اسڪول شامل آهن، جن مان 37 اسڪول مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ اهو منصوبو ڊسمبر 2026ع تائين مڪمل ٿيڻ ڪيو ويندو. ترقياتي شراڪتدار پڻ بحالي واري عمل جي مدد ڪري رهيا آهن. يورپي يونين ۽ يونيسف جي مدد سان 173 اسڪول اڳ ۾ ئي بحال ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڊيپ، سليڪٽ، اي ايس پي آءِ آر اِي، ايس آءِ ڊي ۽ جائيڪا جي سھڪار سان ڪيترائي ٻيا اسڪول صوبي ۾ ٻيهر تعمير ٿي رهيا آهن. وڏي وزير ٻوڏ متاثر اسڪولن جو ڊويزن سطح تي انگن اکرن جو پڻ جائزو ورتو. حيدرآباد ڊويزن ۾ سڀ کان وڌيڪ 1,254 اسڪول متاثر ٿيا، ان کان پوءِ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 1,218، سکر ڊويزن ۾ 1,070، شهيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ 894، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 724 ۽ ڪراچي ڊويزن ۾ 305 اسڪول متاثر ٿيا. ضلع سطح تي ڏٺو وڃي تھ خيرپور ۾ 730، نوشهرو فيروز ۾ 494، لاڙڪاڻي ۾ 343، قمبر-شھداد ڪوٽ ۾ 294، ميرپورخاص ۾ 277 ۽ عمرڪوٽ ۾ 238 سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آھن. وڏي وزير زور ڀريندي چيو تھ ضلعي سطح جي ڊيٽا وسيلن جي ورھاست لاءِ رهنمائي ڪندي، جيئن سڀني علائقن ۾ منصفاڻي ۽ گھرج جي حساب سان تعمير کي يقيني بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته هر متاثر اسڪول اسان جي ٻارن جي تعليم ۾ رڪاوٽ آهي ۽ تعمير کي جلد مڪمل ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن سنڌ ۾ تعليمي سرگرميون مڪمل طور بحال ٿي وڃن. سيد مراد علي شاهه اسڪول ايجوڪيشن ۽ لٽرسي ڊپارٽمينٽ کي هدايت ڪئي ته وڌيڪ متاثر ٿيل ضلعن کي ترجيح ڏني وڃي، بحالي جا ڪم تيز ڪيا وڃن ۽ سمورن جاري رٿائن کي مقرر ڪيل وقت اندر مڪمل ڪيو وڃي. اجلاس جي آخر ۾ ان عزم کي ورجايو ويو تھ صوبي ۾ مضبوط اسڪول انفراسٽرڪچر جي تعمير لاءِ ڊيٽا تي ٻڌل ۽ شفاف نقطه نظر اختيار ڪبو، جنهن ۾ گهڻو ڪري تعميراتي ڪم وچ 2027ع تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. اجلاس ۾ تعليم وارو وزير سيد سردار شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، اسڪول ايجوڪيشن کاتي جو سيڪريٽري زاهد عباسي، سيڪريٽري ٽو سي ايم آصف جميل شيخ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.











