ڪراچي- 23 مارچ (اي پي پي) يومِ پاڪستان جي موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ سنڌ جي گورنر نهال هاشمي مزارِ قائد تي حاضري ڀري. ان موقعي تي ڪابينا جي ميمبرن ۽ اعليٰ آفيسرن وڏي وزير جي شاندار آجيان ڪئي. جڏهن ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، گورنر نهال هاشمي جو مزارِ قائد تي استقبال ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن گڏجي مزارِ قائد تي حاضري ڀري، …
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر نهال هاشمي جي يومِ پاڪستان جي موقعي تي مزارِ قائد تي حاضري

مزید خبریں
ڪراچي- 23 مارچ (اي پي پي) يومِ پاڪستان جي موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ سنڌ جي گورنر نهال هاشمي مزارِ قائد تي حاضري ڀري. ان موقعي تي ڪابينا جي ميمبرن ۽ اعليٰ آفيسرن وڏي وزير جي شاندار آجيان ڪئي. جڏهن ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، گورنر نهال هاشمي جو مزارِ قائد تي استقبال ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن گڏجي مزارِ قائد تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري. وڏي وزير جي ترجمان موجب ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته هو 23 مارچ جي مناسبت سان بانيِ پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح کي ڀيٽا پيش ڪرڻ آيا آهن. هن چيو ته اڄ کان 86 سال اڳ لاهور ۾ آل پاڪستان مسلم ليگ قرارداد منظور ڪري ملڪ جي بنياد رکيو، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن بعد سنڌ مسلم ليگ پڻ پاڪستان جي قرارداد پاس ڪئي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي قيام ۾ سنڌ اهو صوبو هو جنهن سڀ کان اڳ اڳڀرائي ڪئي. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته پاڪستان 14 آگسٽ 1947ع تي آزاد ٿيو ۽ ملڪ پنهنجي قيام کان وٺي ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن کي مضبوط ڪيو ۽ ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، جڏهن ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان کي ميزائل پروگرام ڏنو جنهن سبب دشمن خوف ۾ مبتلا آهي. هن چيو ته اڄ ڪمانڊر اِن چيف صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان مضبوط آهي، جڏهن ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اڳواڻي ۾ پاڪستان جون دفاعي فورسز مڪمل طور متحرڪ آهن. هن چيو ته دشمن هاڻي پاڪستان ڏانهن ميري اک سان به نٿو ڏسي سگهي. هن زور ڏنو ته قائداعظم جي اصولن، اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط تي عمل ڪرڻ اڄ جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته علائقي ۾ جنگي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسان سڀني کي متحد ٿيڻ گهرجي ۽ پنهنجن اختلافن کان مٿانهون ٿي ملڪ جي دفاع لاءِ گڏ ٿي ڪم ڪرڻو پوندو. سيد مراد علي شاهه ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جي مذمت ڪندي چيو ته ظلم ڪيترن ئي سالن کان جاري آهن. هن فلسطين ۾ اسرائيلي بربريت جي پڻ سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن چيو ته مسلمان ملڪن جي وچ ۾ جنگي ماحول آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ دعا ڪرڻ گهرجي ۽ مسلم دنيا جي اڳواڻن کي گهرجي ته جلد امن قائم ڪن، ڇاڪاڻ ته جنگ مان نه خطي کي فائدو آهي ۽ نه ئي عالم اسلام کي فائدو آهي. هن چيو ته محمد علي جناح جو خواب هڪ عظيم ۽ مضبوط رياست جو قيام هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو، قائداعظم جي خواب کي حقيقت بڻائڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي جدوجهد اڄ به جاري آهي. مراد علي شاهه چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ قائداعظم جي اصولن تي عمل ڪرڻ لازمي آهي، جڏهن ته پاڪستان کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي اتحاد تمام ضروري آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت عوامي ڀلائي لاءِ پرعزم آهي ۽ نوجوان نسل کي قائداعظم جي نظرين کان واقف ڪرائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي معاشي ۽ سماجي طور مضبوط بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. علائقائي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي هن ايران خلاف جارحيت جي مذمت ڪئي. هن افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن خلاف ڪارروائين تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو. وڏي وزير چيو ته پاڪستان خلاف بُري نظر سان ڏسندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو. آخر ۾ سيد مراد علي شاهه سمورن پاڪستانين کي يومِ پاڪستان جون مبارڪون ڏنيون.











